صالح پٽ نارا ڪينال مان نڪرندڙ آرڊي 104 چينل تي انچارچ جا آبادگارن سان ڪلور ووئڻن جو فصل سڙي تباه ڊاريڪٽر سيڊا نوٽيس وٺي انصاف ڪري

صالح پٽ(رپورٽ غلام علي ملاح ) صالح پٽ نارا ڪينال مان نڪرندڙ آرڊي 104 چينل تي انچارچ جا آبادگارن سان ڪلور ووئڻن جو فصل سڙي تباه ڊاريڪٽر سيڊا نوٽيس وٺي انصاف ڪري خبر موجب نارا ڪينال مان نڪرندڙ آرڊي 104 چينل جي آبادگارن بگن شنباڻي،پنهل منڱريو،جمال الدين بلوچ ڄيٺا مل ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو تہ چينل جي انچارچ ماڻهن کان پيسا وٺي 15 کان مٿي غير قانوني رول هڻائي ڇڏيا ۽ غير قانوني ڄينل جي کاٽي کڻائي آهي جنهن جي ڪري پڪا ٿيل واٽر ڪورسن تي پاڻي نٿو چڙهي جنهن جي ڪري فصل سڙي تباه ٿيا آهن آبادگان جي احتجاج کان پوء ڊاريڪٽر جي حڪم تحت بيلدار غير قانوني رول پٽڻ لاء ڪرين مشين گهرائي فارمنٽي پوري ڪرڻ لاء صرف رولن جا منهن بند ڪرائي ڇڏيا بيلدار جي اهڙي عمل خلاف آبادگارن انجنيئر، سروير کي آگاه ڪيو مگر ڪو کڙ تيل نہ نڪتو هنن ڊاريڪٽر سيڊا کان گهر ڪئي تہ چينل جي انچارچ بيلدار خلاف قانوني ڪاروائي ڪري اسان مسڪين آبادگارن سان انصاف ڪيو وڃي،

Read Previous

قومي ڪرڪيٽ ٽيم 5 ورهين جو کانپوءِ بنگلاديش جو دورو ڪندي

Read Next

خيرپورناٿن شاھ ۾ سرن جي ڀٺن تي ڪم ڪندڙن مزدورن جو ڏهاڙي جي اُجرت نه وڌائڻ خلاف احتجاج

Most Popular