پاڪستان ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 58 ماڻهو زندگيون وڃائي ويٺا

پاڪستان ۾ عالمي وبا ڪورونا وبا جي ڪري وڌيڪ 58 ماڻهو لاڏاڻو ڪري ويا آهن ۽ 2357 نوان ڪيس به رپورٽ ٿيا آهن.

پاڪستان ۾ ڪورونا جا انگ اکر ٻڌائيندڙ ويب سائيٽ موجب گذريل 24 ڪلاڪن ۾ سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جون 48 هزار 151 ٽيسٽون ڪيون ويون جن مان 2357 ماڻهن ۾ وائرس جي تصديق ٿي آهي جڏهن ته وائرس جي ڪري 58 ماڻهو فوت ٿي ويا آهن.

سرڪاري پورٽل موجب ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي هاڪاري ڪيسن جي شرح 4.89 سيڪڙو رهي.

انکانسواءِ 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 2688 مريض ڪورونا مان صحتياب به يٿا آهن جنهن کانپوءِ گڏيل طور صحتياب ٿيندڙن جو انگ 11 لک 43 هزار 605 ٿي ويو آهي جڏهن ته فعال ڪيسن جو انگ 61558 آهي.

Read Previous

نواز شريف جي شناختي ڪارڊ تي جعلي ويڪسين ڪرائڻ جو انڪشاف

Read Next

ڀارتي ڳجهي ايجنسي جا پول پڌرا، اڳوڻي ”را“ ايجنٽ جا اهم انڪشاف

Most Popular