جوز بٽلر جي پاڪستاني شوقينن کي وڏي خاطري

انگلش ڪرڪيٽ ٽيم جي وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين جوز بٽلر چيو آهي ته اسان کي پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم ۽ شوقينن سان همدردي آهي، جيڪي مهمان ٽيم کي ڀليڪار چوڻ لاءِ تيار هئا پر دورو رد ٿي ويو.

هڪ بيان ۾ جوز بٽلر چيو ته مون کي پاڪستاني شوقينن ۽ رانديگرن جي جذبن جو احساس آهي، انهن سان همدردي جو اظهار ڪيان ٿو، درست وقت نه هو، تنهن ڪري انگلينڊ اينڊ ويلز ڪرڪيٽ بورڊ پاڪستان جو دورو رد ڪيو.

هن چيو ته مان پاڪستان سپر ليگ ۾ کيڏندڙ ڪرڪيٽرن سان پاڪستان ۾ کيڏڻ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي هئي، سندن چوڻ هو ته اهي لطف اندوز ٿيندا آهن.

Read Previous

ڀارتي ڳجهي ايجنسي جا پول پڌرا، اڳوڻي ”را“ ايجنٽ جا اهم انڪشاف

Read Next

ڇا راکي ساونت جي مڙس کي بگ باس 15 ۾ ڏسي سگهجي ٿو؟

Most Popular