باليووڊ سُندري جو ”ريپ“ جي ڌمڪين جو انڪشاف

ڀارتي فلمن ۾ جيترو اداڪارن لاءِ ڪم ڪرڻ سولو آهي ڪجهه اداڪارائن کي اوتري ئي تڪليفن سان منهن ڏيڻو پئجي ويندو آهي.

ڀارتي اداڪارا نيها سڪسينا فلم جي شوٽنگ دوران نا مناسب منظر کان انڪار ڪرڻ تي فلم ساز طرفان ”ريپ، تشدد ۽ قتل“ جي مبينا ڌمڪين جي پوليس وٽ درخواست داخل ڪرائي آهي.

نيها سڪسينا ڪجهه باليووڊ فلمن ۾ مختصر ڪردار ادا ڪري چڪي آهي جڏهن ته هوءَ هندي ڊرامن کانسواءِ تامل ۽ تيلگو سميت مختلف ٻولين ۾ ٺهندڙ فلمن ۾ به اداڪاري ڪري چڪي آهي.

ڀارتي ميڊيا موجب نيها سڪسينا بنگلورو پوليس وٽ داخل ڪيل درخواست ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته کيس تام ٻولي جي فلم جي شوٽنگ دوران بدترين تشدد، ريپ ۽ قتل جون ڌمڪيون مليون هيون.

اداڪارا موجب هن ناليواري فلمساز سان گڏجي آگسٽ ۾ شوٽنگ جي شروعات ڪئي ۽ ڪجهه ئي ڏينهن کانپوءِ احساس ٿيو ته شوٽنگ سيٽ جو ماحول سُٺو ناهي ۽ اداڪارائن سان اڻ وڻندڙ رويو اختيار ڪيو پيو وڃي.

نيها سڪسينا چيو ته پنهنجي پُٽ کي تامل فلم جي ذريعي اداڪاري ۾ آڻڻ چاهي پيو، انڪري ان سان ڪا وڏي اداڪارا ڪم ڪرڻ لاءِ تيار نه هئي ته هدايتڪار مونکي منٿون ڪيون، جنهن تي مان ڪم ڪرڻ لاءِ راضي ٿيس.

Read Previous

بابر اعظم ٽي ٽوئنٽي ۾ سڀ کان وڌيڪ سينچريون اسڪور ڪندڙ پاڪستاني بڻجي ويو

Read Next

واٽس ايپ واهپيدارن لاءِ نئون پرائيويسي فيچر متعارف ڪرائي ڇڏيو

Most Popular