منهنجو پيءُ هڪ عظيم انسان هو: جواد عمر

پاڪستان جي ليجنڊري اداڪار ۽ ڪاميڊين عمر شريف جي پُٽ جواد عمر پنهنجي پيءُ جي زندگي بابت ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو آهي ته سندس والد هڪ عظيم انسان هو.

جواد عمر تازو ئي خانگي ٽي وي جي هڪ شو ۾ پنهنجي پيءُ بابت چيو هو ته هن سندس پيءُ کان سڀني ماڻهن سان نرمي سان پيش اچڻ ۽ محبت ڪرڻ سکيو آهي.

هن پنهنجي پيءُ جي شخصيت بابت ٻڌايو ته سندس پيءُ هڪ عظيم انسان هو، هن سدائين ماڻهن جي مدد ڪئي ۽ ماڻهن سان مهرباني ۽ انصاف جو مظاهرو ڪيو ۽ هو پنهنجي سڀني رشتن ۾ به نرم مزاج هو.

هن وڌيڪ چيو ته هن جو پيءُ گهڻو مصروف رهندو هو پر هو سدائين اسان جي لاءِ وقت ڪڍندو هو.

پيءُ سان گذاريل يادگار لمحن بابت جواد عمر ٻڌايو ته ”اسان تمام گهڻو گڏجي سفر ڪندا هئاسين، هن اسانکي سڄي دنيا جو سير ڪرايو“.

Read Previous

افغاني پاسپورٽ ڪهڙي نالي سان جاري ٿيندو؟

Read Next

بابر اعظم ڪرس گيل ۽ ويرات ڪوهلي سميت سڀني کي پوئتي ڇڏي ڏنو

Most Popular