جوفرا آرچر ڪهڙي پاڪستاني ڪرڪيٽر کي پسند ڪري ٿو؟

انگلينڊ جي فاسٽ بالر جوفرا آرچر ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ پنهنجي پسنديده رانديگرن جا نالا ٻڌائي ڇڏيا.

ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جو ميلو 17 آڪٽوبر کان دبئي ۾ شروع ٿي رهيو آهي، جنهن جون تياريون زور شور سان جاري آهن.

ان سلسلي ۾ مختلف ڪرڪيٽرن طرفان پنهنجي پسنديده ڪرڪيٽرن جا نالا ٻڌائڻ جو سلسلو به جاري آهي ۽ انگلش پيسر جوفرا آرچر پنهنجي 6 پسنديده ڪرڪيٽرن جا نالا ٻڌائي ڇڏيا آهن.

آرچر قومي ٽيم جي فاسٽ بالر شاهين آفريدي کي ٽي ٽوئنٽي اوورسيز ورلڊ ڪپ اسٽارز ۾ شامل ڪري ورتو آهي.

6 رانديگرن جي فهرست ۾ هن راشن خان، ڪگيسو ربادا، هاسارنگا، ڪوئنٽن ڊي ڪوڪ ۽ آندري رسل جي چونڊ به ڪئي آهي.

جوفرا آرچر چيو ته شاهين آفريدي بيٽسمينن لاءِ چئلينج هوندو، هو بال کي سوئنگ ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو ۽ ڊيٿ اوورن ۾ وڏيون تبديليون آڻيندو آهي.

Read Previous

مسجد الحرام کي نمازين لاءِ مڪمل طور تي کولڻ جو فيصلو

Read Next

آريان ضمانت لاءِ گوري جي باس، مٺاڻ کائڻ ڇڏي ڏنو

Most Popular