اي پي ايس سانحو ڪيس: ملڪ ۾ ڪا مقدس ڳئون ناهي، حڪم ڪيو ايڪشن وٺنداسين: وزيراعظم

عمران خان

وزيراعظم عمران خان سپريم ڪورٽ ۾ چيو آهي ته ملڪ ۾ ڪا مقدس ڳئون ناهي، تنهن ڪري سپريم ڪورٽ حڪم ڏئي، اسان ايڪشن وٺنداسين.

وزيراعظم عمران خان اي پي ايس ڪيس ۾ عدالت طرفان طلب ڪرڻ تي سپريم ڪورٽ ۾ پيش ٿيو.

ٻڌڻي کان اڳ وزيراعظم وفاقي وزير فواد چوڌري سان گفتگو ڪندو رهيو، ٻڌڻي شروع ٿيڻ تي چيف جسٽس چيو ته وزيراعظم صاحب توهان اچو.

جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته والدين کي مطمئن ڪرڻ ضروري آهي، والدين چاهين ٿا ته ان وقت جي اختيارين خلاف ڪارروائي ٿئي.

وزيراعظم عمران خان روسٽرم تي اچي چيو ته مان قانون جي حڪمراني تي يقين رکان ٿو، ملڪ ۾ ڪا مقدس ڳئون ناهي، توهان حڪم ڪيو اسان ايڪشن وٺنداسين.

هن عدالت کي ٻڌايو ته واقعي جي ڏينهن ئي پشاور ويو هيس، اسپتال وڃي زخمين سان به مليس، واقعي وقت والدين سڪتي ۾ هئا، صوبائي حڪومت جيڪو ازالو ڪري پئي سگهي ڪيائين، والدين چون ٿا ته اسان حڪومت کان امداد نٿا چاهيون، سانحي کانپوءِ نيشنل ايڪشن پلان ٺاهيو ويو، دهشتگردي خلاف جنگ کٽي سين.

عدالت 20 آڪٽوبر جي حڪم نامي تي عملدرآمد جي هدايت ڪئي، جنهن تي وزيراعظم سپريم ڪورٽ کي انصاف جا تقاضا پورا ڪرڻ جي خاطري ڪرائي.

چيف جسٽس آف پاڪستان چيو ته توهان وزيراعظم آهيو، جواب توهان وٽ هجڻ گهرجي، ان تي عمران خان چيو ته هڪ منٽ جج صاحب! توهان ترسو.

وزيراعظم چيو ته ٻارن جي والدين کي الله صبر ڏيندو، اسان معاوضو ڏيڻ کانسواءِ ٻيو ڇا ڪري پئي سگهياسين، مان اڳ به انهن سان مليو هيس، هاڻ به ملندس، اهو پتو لڳايو ته 80 هزار ماڻهو ڪنهن جي ڪري ماريا ويا، اهو به پتو لڳايو ته 480 ڊرون حملن جو ذميوار ڪير آهي.

ان تي چيف جسٽس چيو ته اهو سڀ پتو لڳائڻ توهان جو ڪم آهي، توهان وزيراعظم آهيو، وزيراعظم طور انهن سڀني سوالن جو جواب توهان وٽ هجڻ گهرجي.

وزيراعظم چيو ته اي پي ايس متاثرن جو ڏُک آهي ته 80 هزار ماڻهن جو به اسان کي ڏک آهي، توهان اي پي ايس معاملي تي اعليٰ سطحي جاچ ڪميشن ٺاهي ڇڏيو.

Read Previous

نئين آيل ٽي ايم او عمران علي کنڊ ڀرياروڊ شھر ۾ صفائي سميت ٽائون ملازمن جي مسئلن تي گڏجاڻي ڪئي

Read Next

پارليامينٽ جو سڀاڻي ٿيندڙ گڏيل اجلاس ملتوي

Most Popular