بنگلاديش جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو اڳوڻي چيف جسٽس کي مالي گهوٻين تي سزا

بنگلاديش جي اڳوڻي چيف جسٽس سريندا ڪمار سنها کي مني لانڊرنگ ۽ مالي گهوٻين جي الزامن تحت 11 ورهيه قيد جي سزا ٻڌائي وئي.

ڍاڪا جي هڪ عدالت اڱاري ڏينهن سنها کي ان جي غير موجودگي ۾ سزا ٻڌائي.

بنگلاديش جو اڳوڻو چيف جسٽس هن وقت ڪينيڊا ۾ رهندڙ آهي، مٿس 4 لک 70 هزار ڊالرن جي غير قانوني بئنڪ ڏيتي ليتي جو الزام هو.

سنها بنگلاديش جي تاريخ جو پهريون چيف جسٽس آهي، جنهن کي مالي گهوٻين جي الزامن ۾ جيل جي سزا ٻڌائي وئي آهي

Read Previous

اميتاڀ بچن جو ڪپل شرما تي طنز

Read Next

ناريل جي تيل جا صحت لاءِ بهترين فائدا

Most Popular