ڪراچي واسين لاءِ نئون خطرو، وائرل انفيڪشن جو انڪشاف

ڪراچي ۾ ڊينگي وائرس جهڙي وائرل انفيڪشن جو انڪشاف ٿيو آهي.

ماليڪيولر پيٿالوجي ڊائو يونيورسٽي جي سربراهه ڊاڪٽر سعيد خان موجب شهر ۾ اهڙي وائرس جا مريض اچي رهيا آهن جن ۾ ڊينگي جون علامتون آهن پر ڊينگي جي ٽيسٽ ڪرڻ تي مريضن جو ٽيسٽ ناڪاري اچي ٿو.

هن ٻڌايو ته اهڙي مريضن ۾ رت جا اڇا جزا ۽ پليٽيليٽس به گهٽجي رهيا آهن جڏهن ته اهو ڊينگي جو ڪو ٻيو ويريئينٽ ٿي سگهي ٿو، ان معاملي تي وڌيڪ تحقيق جاري آهي.

ڊاڪٽر سعيد خان جو چوڻ هو ته شهري مڪمل طور تي جسم کي ڌڪي رکن، گهٽي، گهر ۽ محلي ۾ پاڻي بيهڻ نه ڏنو وڃي.

هوڏانهن چلڊرن اسپتال ڪراچي جي ڊاڪٽر محمد ذهيب چيو آهي ته اهڙي قسم جي مريضن جي لاءِ پيلٽيليٽس جا ميگا ۽ رينڊم يونٽس موجود ناهن جڏهن ته سنڌ رينجرز اسپتال جي پيٿالوجسٽ ذيشان حسين چيو آهي ته خوش قسمتي سان ان وائرس سان هن وقت تائين ڪو به جاني نقصان ناهي ٿيو.

ٻئي پاسي هيماٽالوجسٽ ڊاڪٽر ثاقت انصاري جو چوڻ آهي ته اهڙي قسم جا ڪيس 2008 کان سامهون اچي رهيا آهن، هر 10 مان ٻن مريضن ۾ ڊينگي ڪلاسيڪل فيور جي شڪايتون ملن ٿيون، ان تي وڌيڪ جاچ جي ضرورت آهي.

Read Previous

آسٽريليا پاڪستان کي شڪست ڏئي ورلڊ ڪپ جي فائنل ۾ پهچي ويو

Read Next

پيپلزپارٽي ۽ پي ڊي ايم ۾ ويجهڙايون، بلاول ۽ مولانا فضل الرحمان جي ملاقات

Most Popular