ميدان ۾ لهڻ وقت رانديگر هڪ شئي لاءِ تيار هوندو آهي: وزيراعظم

وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته جڏهن رانديگر ميدان ۾ لهندو آهي ته هر شئي لاءِ تيار هوندو آهي.

پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ شرڪت جي موقعي تي صحافي وزيراعظم کان سوال ڪيو ته توهان ايڏيون ملاقاتون ڪري رهيا آهيو، ڪا پريشاني ته ناهي؟ جنهن تي عمران خان چيو ته ڪنهن سان ملاقاتون ڪري رهيو آهيان؟

صحافي وزيراعظم کان سوال ڪيو ته اپوزيشن چئي ٿي اڄ توهان کي سرپرائز ملندو، جنهن تي عمران خان چيو ته رانديگر جڏهن ميدان ۾ لهندو آهي ته هر شئي لاءِ تيار هوندو آهي، جيڪو به مخالفت ڪندو، مان ان کان بهتر ڪندس.

پوءِ وزيراعظم جي صدارت هيٺ تحريڪ انصاف ۽ اتحادي جماعتن جي پارلياماني پارٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ميمبرن کي بلن تي اعتماد ۾ ورتو ويو.

Read Previous

”نواز شريف جي حق ۾ ٽين وڏي شاهدي عدليا جي اندران سامهون آئي آهي“

Read Next

واٽس ايپ ۾ اوچتو وڏي تبديلي، واهپيدارن لاءِ اشتهارن جي سهولت

Most Popular