شفقت محمود جي سليبس ۽ امتحانن بابت اهم ڳالهه ٻولهه

تعليم بابت وفاقي وزير شفقت محمود چيو آهي ته هن سال مڪمل سليبس پڙهايو ويندو، مئي ۽ جون ۾ امتحان ٿيندا، جڏهن ته اي ۽ او ليول جا امتحان به مقرر وقت تي ٿيندا.

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شفقت محمود چيو منهنجو نظريو رهيو آهي ته تعليم سياست کان مٿانهين آهي، تعليم لاءِ اسان سڀني جي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، اڄوڪي ڪانفرنس جي ميزباني سنڌ حڪومت ڪئي آهي.

هن چيو ته گذريل تعليمي سال ڪورونا سبب سليبس گهٽ ڪيو هو پر هاڻ ان کي مڪمل پڙهايو ويندو، اسان سڀني صوبن کي گڏ کڻي هلڻ چاهيون ٿا، سڀ گڏجي فيصلو ڪنداسين، اختلافن کي ختم ڪيو ويندو.

سندس چوڻ هو ڪوشش آهي ته وڌ کان وڌ ڇوڪريون تعليم حاصل ڪري سگهن، تعليم جي درست ڊيٽا گڏ ڪرڻ لاءِ تنظيم ٺاهڻ تي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي، رياست تعليم کي اها ترجيح نه ڏني، جيڪا ڏيڻ گهربي هئي.

Read Previous

پهريون ٽي 20 مقابلو، پاڪستان بنگلاديش کي 4 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي

Read Next

آن ايئر شو ۾ حريم شاهه جي فون، شيخ رشيد جي ڇَنڊ

Most Popular