ويڊيو ليڪ ٿيڻ کان ناهيان ڊڄندي: حريم شاهه

مشهور ٽڪ ٽاڪ اسٽار حريم شاهه چيو آهي تھ مون کي ويڊيو ليڪ ٿيڻ جو ڪو خوف ناهي.

هڪ انٽرويو ۾ حريم شاهه چيو تھ ذاتي زندگي ۾ ڪنهن کان بھ نٿي ڊڄان، تنهن ڪري ڪنهن جو حڪم منهنجي مٿان ناهي هلندو، مون کي ويڊيو ليڪ ٿيڻ جو ڪو خوف ناهي هوندو، ڇو ته مان اهڙو ڪو ڪم ئي ناهي ڪيو جو ڊڄان.

هن چيو تھ منهنجو سياست ۾ اچڻ جو ڪو ارادو ناهي، جيڪڏهن موقعو مليو تھ مستقبل ۾ پ پ ۾ شامل ٿي سگهان ٿي ۽ ان جو سبب بلاول هوندو.

سندس چوڻ هو ته ماڻهن کان نه رب جي ذات کان ڊڄو، ڪوڙي عزت جو لباس نه پايو، جيڪڏهن منهنجي ڪا ويڊيو ليڪ ٿئي ٿي ته ڊڄڻ بدران چونديس اجواءِ ڪيو.

Read Previous

سينيئر سول جج عورت سان زيادتي جي الزام ۾ گرفتار

Read Next

ترڪ معيشت کي سهارو ڏيڻ لاءِ يو اي اِي پاران ڳري سيڙپڪاري جو اعلان

Most Popular