سائنسدان اومي ڪرون جو توڙ ڪڍڻ ۾ ناڪام، نااميدي ظاهر

آفريقا مان دريافت ٿيندڙ ڪورونا وائرس جي نئين قسم اومي ڪرون جتي سڄي دنيا کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي، اتي ئي طبي ماهر پڻ وائرس تي حيرانگيءَ جو اظهار ڪري ڇڏيو.

اومي ڪرون جي تيزيءَ سان پکڙجڻ تي سائنسدانن حيرت جو اظهار ڪندي چيو هو ته اسان اڳ ۾ ڪو به وائرس ايڏي تيزيءَ سان پکڙجي ناهي ڏٺو، گڏوگڏ انهن خدشو ظاهر ڪيو هو ته ان خلاف ويڪسين به اثر نه ڪندي، ان سلسلي ۾ هاڻ ويڪسين ٺاهيندڙ آمريڪي ڪمپني جو اهم بيان به سامهون اچي ويو آهي.

موڊرنا ويڪسين ٺاهيندڙ آمريڪي ڪمپني چيو آهي ته امڪاني طور تي موڊرنا ويڪسين ڪورونا جي نئين ويرينٽ اومي ڪرون خلاف بي اثرائتي آهي.

آمريڪي دواساز ڪمپني موڊرنا جي سربراهه اسٽيفن بنسل اخبار فنانشل ٽائمز کي انٽرويو ڏيندي چيو ته ايندڙ ڪجهه هفتن اندر موڊرنا ويڪسين جي فائدن بابت ڊيٽا سامهون اچي ويندي پر سائسندان اها ويڪسين اومي ڪرون خلاف اثرائتي هجڻ بابت پراميد ناهن.

هن چيو ته في الحال موجوده ڪورونا ويڪسين جي مدد سان ئي اومي ڪرون خلاف جنگ ڪرڻي پوندي پر ان تي ڀاڙي نٿو سگهجي ۽ اومي ڪرون خلاف نوان شاٽس يا ويڪسين تيار ڪرڻي پوندي، جنهن ۾ ڪيترائي مهينا لڳي سگهن ٿا.

Read Previous

نيب جي 7 ڊائريڪٽر جنرلز جي 21هين گريڊ ۾ ترقي

Read Next

هوشيار، اومي ڪرون وڌيڪ ڪيترن ئي ملڪن ۾ پهچي ويو

Most Popular