پي ايس ايل 7 شاهد آفريدي جو آخري ايونٽ هوندو

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) چيو آهي ته پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جو ستون ايڊيشن شاهد آفريدي جو آخري ايونٽ هوندو.

پي سي بي طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته شاهد آفريدي باضابطه طور تي پي ايس ايل جي ستين ايڊيشن لاءِ ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز جو حصو بڻجي ويو آهي.

ڪرڪيٽ بورڊ موجب شاهد آفريدي ۽ جيمز ونس ملتان سلطانز کان ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز ۾ ٽريڊ ٿي ويا.

اهڙي ريت افتخار احمد اسلام آباد يونائيٽيڊ مان ٽريڊ ٿي ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز، جڏهن ته ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز جو اعظم خان اسلام آباد يونائيٽيڊ ۾ ٽريڊ ٿي ويو آهي.

Read Previous

15 سيڪنڊن ۾ بس مان ريل بڻجي ويندڙ گاڏي تيار

Read Next

منشيات ڪيس: آريان خان وري ممبئي هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو

Most Popular