انسان ته ڇا جانور کي به ساڙڻ کان منع ڪئي وئي آهي: جسٽس قاضي فائز عيسيٰ

جسٽس منيب اختر

سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي ته انسان ته ڇا جانورن کي به ساڙڻ کان منع ڪئي وئي آهي.

ڪراچي بار ايسوسيئيشن جي سالياني مانجهاندي واري تقريب کي خطاب ڪندي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جو چوڻ هو ته عدليا ۽ انتظاميا ڌار رهي ته ڪنهن کي به ڊيڄارڻ ۽ ساڙڻ جي ضرورت نه پوندي، انسان ته ڇا جانورن کي به ساڙڻ کان منع ڪيو ويو آهي.

هن چيو ته هر جج جي دل ۾ خدا جو ڊپ هجڻ گھرجي جڏهن ته ڊپ رڳو الله جو هجي ته انصاف ٿيندو آهي.

جسٽس فائز عيسيٰ جو چوڻ هو ته وڪيل ۽ جج جو هدف برابر هوندو آهي يعني سچ جي ڳولا، جڏهن اسان قانون جي پاسداري ڪنداسين ته هڪ پرسڪون قوم هونداسين ۽ جڏهن جمهوريت جو دامن هٿ مان ڇڏائجي ويو ته ملڪ ٽٽي ويو.

ٻي پاسي ڪراچي بار ايسوسيئيشن جي صدر نعيم قريشي تقريب کي خطاب دوران جسٽس فائز عيسيٰ جي تعريف ڪندي چيو ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ انصاف لاءِ وڏو نالو آهي، جسٽس فائز لاءِ جا ڪيل فيصلا سدائين ياد رکيا ويندا.

هن چيو ته فائز عيسيٰ جي ابن  ڏاڏن جو پاڪستان جي تحريڪ ۾ اهم ڪردار رهيو آهي.

Read Previous

اسپتال ۾ 13 ورهين جي ٻارڙي سان مبينا زيادتي

Read Next

وزيراعظم گوادر ۾ هڪ مهيني کان جاري ڌرڻي جو نوٽيس وٺي ڇڏيو

Most Popular