حڪومت جو جسٽس (ر) وجيهه الدين خلاف ساک کي نقصان پهچائڻ جو ڪيس داخل ڪرڻ جو اعلان

وفاقي حڪومت جسٽس رٽائرڊ وجيهه الدين خلاف ساک کي نقصان پهچائڻ جو ڪيس داخل ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير فواد چوڌري چيو عام ماڻهو ته ڇا وزيراعظم جي عزت به محفوظ ناهي، اظهار جي آزادي بابت ملڪ ۾ نه ڪو قانون آهي نه ان تي عمل.

هن جسٽس رٽائرڊ وجيهه الدين خلاف ساک کي نقصان پهچائڻ جو ڪيس داخل ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو ته چيو ويو جهانگير ترين بني گالا لاءِ پئسا ڏنا، جهانگير ترين الزامن جي ترديد ڪئي، بدقسمتي سان اسان آرٽيڪل 6 جي ڀڃڪڙي ڏسي رهيا آهيون.

واضح رهي ته جسٽس رٽائرڊ وجيهه الدين پنهنجي بيان ۾ چيو هو ته عمران خان جو گهر جهانگير ترين جي پئسي سان هلندو هو، جنهن تي جهانگير ترين ترديد ڪري چڪو آهي.

Read Previous

پاڪستان ۾ امير مٿي ۽ غريب ويتر هيٺ ٿي رهيو آهي: وزيراعظم

Read Next

سعودي عورتن جي پرڏيهي مڙسن جي حوالي سان وڏي پريشاني ختم

Most Popular