شوڪت ترين سينيٽر چونڊجي ويو

ناڻي وارو صلاحڪار شوڪت ترين خيبرپختونخواهه مان تحريڪ انصاف جو سينيٽر چونڊجي ويو.

چونڊ جي لاءِ پولنگ صوبائي اسيمبلي جي پراڻي هال ۾ ٿي، جيڪا شام 4 وڳي تائين جاري رهي، جنهن دوران شوڪت ترين 87 ووٽ کڻي سينيٽر چونڊجي ويو.

ڪي پي جي صحت واري وزير تيمور جهگڙا موجب سينيٽ جي خالي سيٽ جي لاءِ پولنگ دوران 4 ووٽ رد ٿيا ۽ 4 ميمبرز ڪنهن سبب جي ڪري ووٽ ڏيڻ نه آيا.

تحريڪ انصاف جي ايوب آفريدي کي سينيٽ جي سيٽ تان استعيفيٰ ڏياري شوڪت ترين کي ٽڪيٽ ڏني وئي، جڏهن ته ناڻي واري صلاحڪار  سان اي اين پي جو شوڪت امير زادا، پ پ جو محمد سعيد ۽ جي يو آءِ ف جو ظاهر شاهه مقابلي ۾ بيٺل هئا.

Read Previous

تبديلي اچي نه پئي پر وڃي رهي آهي: مريم نواز

Read Next

حڪمرانن کي ڪڍي پوءِ ڳالهايو، ملڪ سنڀالڻ لاءِ تيار آهيون: آصف زرداري

Most Popular