اسان سمجهون ٿا ته راندين ۽ تعليم جو مقصد تعليم ۽ صحت جي معيار کي وڌائڻ، ترقي ۽ امن کي هٿي ڏيڻ آهي: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه

ڪراچي (رپورٽ۔) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته راندين ۽ تعليم جو مقصد تعليم ۽ صحت جي معيار کي وڌائڻ ۽ ترقي ۽ امن کي هٿي ڏيڻ آهي. رانديون ۽ تعليم لازم و ملزوم آهن ۽ مختلف ثقافتن جي ماڻهن کي ڳنڍينديون آهن، اهوئي سبب آهي جو گڏيل قومن راندين کي پائيدار ترقيءَ لاءِ سهڪار طور تسليم ڪيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڱاري ڏينهن مزار قائد تي پاڪستان ۾ ڪامن ويلٿ گيمز جي ڪوئنز بيٽن آمد جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ سي جي اي پاڪستان جي سيڪريٽري جنرل محمد خالد محمود، ڪراچي انتظاميه، ڪمشنر ڪراچي محمد اقبال ميمڻ، سنڌ اولمپڪ ايسوسيئيشن جي چيئرمين ڊاڪٽر جنيد علي شاهه، راندين بابت وڏي وزير جو خاص مددگار ارباب لطف الله ۽ اختر عنايت ڀرڳڙي شرڪت ڪئي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته بيٽن عالمي تعاون، امن ۽ خوشحالي، افهام و تفهيم جو پيغام کڻي آيو آهي. هڪ روايت جي طور تي ڪامن ويلٿ گيمز جي بيٽن راڻي ۽ برطانيه جي عوام پاران نيڪ خواهشن جو پيغام کڻي آيو آهي. هن عالمي امن ۽ سهڪار لاءِ نيڪ خواهشن تي سڀني جو شڪريو ادا ڪيو. مراد علي شاهه چيو ته آئون سچ ۾ سمجهان ٿو ته رانديون، فنون ۽ جسماني سرگرميون خيال، تعصب ۽ روين کي تبديل ڪرڻ سان گڏ ماڻهن تي اثرانداز ٿيڻ، نسلي ۽ سياسي رڪاوٽ کي ختم ڪرڻ، تعصب خلاف وڙهڻ ۽ تڪرار کي ختم ڪرڻ جي سگهه رکن ٿيون. هن چيو ته رانديون هر قسم جي سياست کان مٿانهون آهن تنهنڪري نوجوانن کي تعليم ڏيڻ ۽ انهن ۾ اعليٰ اخلاقي معيار پيدا ڪرڻ لاءِ راندين جي روايت کي وڏي پيماني تي هٿي وٺرائڻ گهرجي. مراد علي شاهه چيو ته اسان سمجهون ٿا ته راندين ۽ تعليم جو مقصد تعليم ۽ صحت جي معيار کي وڌائڻ، ترقي ۽ امن کي هٿي ڏيڻ آهي. هن چيو ته رانديون ۽ تعليم مختلف ثقافتن جي ماڻهن کي پاڻ ۾ ڳنڍينديون آهن ۽ اهوئي سبب آهي ته گڏيل قومون راندين کي پائيدار ترقي لاءِ مددگار طور تسليم ڪيو آهي. هن چيو ته اسان ڀائيچاري ۽ احترام کي هٿي ڏيڻ ۽ نوجوانن ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۾ راندين جي ڪردار کي تسليم ڪريون ٿا. واضح رهي ته ”ڪامن ويلٿ گيمز – 2022“ 28 جولاءِ 2022 کان 8 آگسٽ 2022 تائين برطانيا جي شهر برمنگهم ۾ منعقد ٿينديون. سنڌ جي وڏي وزير گيمز ۾ حصو وٺندڙ پاڪستاني رانديگرن لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. مراد علي شاهه هن ڀيري ريلي لاءِ ڪراچي کي چونڊڻ تي آرگنائيزنگ ڪميٽي جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته آئون سنڌ صوبي ۽ خاص ڪري ڪراچي جي شهرين کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو ته هي بيٽن اسان سڀني جي وچ ۾ آهي. هن چيو ته بيٽن ڪراچي جو دورو ڪندي ۽ ڪراچي ڊويزن جي وڌ کان وڌ مداحن سان ملاقات ڪندي اڳيان وڌندي، جنهن لاءِ هو پراميد آهي ته ڪيو بي آر آفيشلز سان گڏوگڏ اسان جي رانديگرن، راندين سان محبت ڪندڙ ۽ عام عوام به هڪ نظم و ضبط رکندڙ سماج جي حيثيت سان پاڻ کي مڃرائيندا ته جيئن اسان جي ملڪ جو سافٽ اميج ڪامن ويلٿ ملڪن سان گڏ سڄي دنيا آڏو اچي. ان موقعي تي ليفٽيننٽ جنرل (ر) سيد عارف حسن ايڇ آءِ (ايم) صدر CGA پاڪستان تقريب کي خطاب ڪيو ۽ CGA جي سهڪار ۽ صوبي ۾ راندين جي سرگرمين کي هٿي وٺرائڻ تي وڏي وزير جو شڪريو ادا ڪيو.

Read Previous

سلمان خان ۾ ايڏو زهر جو نانگ ويچارو پاڻ مري ويو: ڪمال راشد

Read Next

عليزي شاهه چرس ڇِڪڻ لڳي؟

Most Popular