وفاقي حڪومت شهباز شريف کي لنڊن وڃڻ جو آپشن ڏئي ڇڏيو

سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته نواز شريف وٽ ٻه ئي آپشن آهن، لنڊن وڃي يا جيل.

لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته اسان چاهيو ٿا عدالت نواز شريف کي واپس آڻڻ لاءِ قدم کڻي، اسان جي اها درخواست آهي ته روز جي بنياد تي نواز شريف جي ڪيس جي ٻڌڻي ٿئي.

هن چيو شهباز شريف کي لڳي ٿو ته اهو ٻڏي رهيو آهي ته سڄو پاڪستان ٻڌي رهيو آهي، شهباز شريف وٽ ٻه ئي آپشن آهن، لنڊن وڃي يا وري جيل وڃي.

سندس چوڻ هو ته اسان ٽن سالن ۾ 32 ارب ڊالرن جو قرض واپس ڪيو آهي، عمران خان وزيراعظم نه هجي ها ته ملڪ جو ڏيوالو نڪري وڃي ها.

فواد چوڌري وڌيڪ چيو ته سياست ڪرڻ جو حق سڀني جماعتن کي آهي، اسان ته چاهيون ٿا پ پ ۽ ن ليگ قومي سياست ڪن، اپوزيشن وارا ڀڄي ويا آهن، ميدان ۾ ايندا ته اسان ڳالهائينداسين.

وفاقي وزير چيو ته آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو لاهور اچڻ چاهين ٿا ته اچن، 10 ويسن جي گهر ۾ انهن جو جلسو ٿي ويندو.

Read Previous

وزيراعظم جي ويڊيو لنڪ ذريعي عدالت ۾ پيشي جي ويڊيو سامهون اچي وئي

Read Next

پيٽرول 25 رپيا في ليٽر سستو ڪرڻ جو اعلان

Most Popular