لکين رپين جو ڀاڻ افغانستان سمگل ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام

چمن ۽ ڊيرا مراد جمالي ۾ ڪسٽمز افغانستان منتقل ڪئي ويندڙ ڀاڻ جي سمگلنگ ناڪام بڻائي ڇڏي.

ڪسٽمز ۽ ليويز چمن ۽ ڊيرا مراد جمالي ۾ ڪارروائيون ڪندي ڀاڻ جون 4 ٽرڪون تحويل ۾ وٺي ڇڏيون.

ڪسٽمز اختيارين موجب عملي ڪسٽمز هائوس چمن ۾ ايڪسپورٽ جي نيت سان ايندڙ پٽاٽن جي ٽرڪ جي تلاشي ورتي ته 480 ٻوريون يوريا ڀاڻ جون هٿ آيون، جنهن جي مقدار 24 ميٽرڪ ٽن ٿئي ٿي.

ڪارروائي کانپوءِ ٽرڪ ڊرائيور کي گرفتار ڪيو ويو ۽ ايڪسپورٽر ۽ ڪليئرنس ايجنٽ خلاف به ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي.

هوڏانهن ڊيرا مراد جمالي ۾ ليويز ڪارروائي دوران قومي شاهراهه تي ڀاڻ جي ٽن ٽڪن کي تحويل ۾ ورتو، جن مان 1900 ڀاڻ جون ٻوريون هٿ آيون، ليويز ٽرڪن جي ڊرائيورن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

واضح رهي ته بلوچستان حڪومت طرفان پاڙيسري ملڪن ۾ ڀاڻ موڪلڻ تي پابندي لڳايل آهي.

Read Previous

اسد عمر ڪورونا وائرس جي نئين لهر بابت خبردار ڪري ڇڏيو

Read Next

آچر 02 جنوري 2022ع

Most Popular