ڪراچي ۾ ريلين سبب پي ايس ايل ٽيمن جو پريڪٽس سيشن ختم

ڪراچي ۾ سياسي جماعتن جي ريلين ۽ احتجاج ڪندڙن جي پوليس سان جهڙپن سبب پاڪستان سپر ليگ ۾ شريڪ ٽيمن جا پريڪٽس سيشن ختم ڪيا ويا.

27 جنوري کان شروع ٿيندڙ پي ايس ايل جي ستين ايڊيشن کان اڳ ٽيمن کي پريڪٽس ڪرڻي هئي، معين خان اڪيڊمي ۾ پشاور زلمي ۽ اسلام آباد يونائيٽيڊ جي ميچ شيڊيول هئي، جڏهن ته نيشنل اسٽيڊيم ۾ ڪراچي ڪنگز ۽ ملتان سلطانز جي ٽيمن کي نيٽ پريڪٽس ڪرڻي هئي.

سياسي جماعتن جي ريلين، ڪارڪنن جي پوليس سان جهڙپن ۽ ان جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ ٽريفڪ صورتحال سبب پريڪٽس شيڊيول ختم ڪيو ويو.

ان کان اڳ صبح جو لاهور قلندرز ۽ ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز جي ٽيمن نيشنل اسٽيڊيم ۾ پريڪٽس ڪئي.

پريڪٽس کانپوءِ ٽيمن کي ٽريفڪ ۾ ڦاسڻ کان بچڻ لاءِ روٽين جي رستي بدران متبادل رستي کان هوٽل پهچايو ويو.

Read Previous

آمريڪا، روسي صدر تي پابندين جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي

Read Next

فيروز خان اداڪاري کان پوءِ گلوڪاري لاءِ تيار

Most Popular