اسلام آباد يونائيٽيڊ، پشاور زلمي کي 9 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي

پاڪستان سپر ليگ جي پنجين ميچ ۾ اسلام آباد يونائيٽيڊ جي ٽيم پشاور زلمي کي 9 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.

ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ پشاور زلمي طرفان مليل 169 رنسن جو هدف اسلام آباد يونائيٽيڊ 15.5 اوورن ۾ هڪ وڪيٽ جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو.

اسلام آباد طرفان پال اسٽرلنگ 57 رنسن جي اننگز کيڏي آئوٽ ٿيو، جڏهن ته ايلڪيس هيلز 82 رنسن جي زبردست اننگز کيڏي ۽ ناٽ آئوٽ رهيو.

Read Previous

عمران خان ماڻهن کي اهڙيون خوشيون ڏنيون جو خوشي مان ڳوڙها بيهن ئي نٿا: شهباز گل

Read Next

ڪاجول به ڪورونا وائرس جو شڪار

Most Popular