وزيراعظم پاران اسلامو فوبيا بابت ڪينيڊين وزيراعظم جي بيان جي آجيان

وزيراعظم عمران خان اسلامو فوبيا بابت ڪينيڊين وزيراعظم جسٽس ٽروڊو جي بيان جي آجيان ڪئي آهي.

ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته جسٽن ٽروڊو جي اسلامو فوبيا جي مذمت تي ٻڌل بيان جي آجيان ڪيان ٿو، اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ لاءِ خاص نمائندو مقرر ڪرڻ سٺو سنئوڻ آهي.هن چيو ته جسٽن ٽروڊو جو قدم منهنجي ان مطالبي جي حمايت آهي، جيڪو مسلسل ورجائي رهيو آهيان، اسلامو فوبيا جي خاتمي لاءِ گڏيل ڪوششن کي تيز ڪرڻو پوندو.

Read Previous

ڪاجول به ڪورونا وائرس جو شڪار

Read Next

اسلامو فوبيا قبولڻ جوڳي نه آهي: ڪينيڊين وزيراعظم

Most Popular