بلدياتي چونڊن بدران عام چونڊون ٿي وينديون: خواجا آصف

مسلم ليگ (ن) جي مرڪزي اڳواڻ خواجا آصف چيو آهي ته اسان جو قائد رڳو نواز شريف آهي ۽ اسان سڀ سندس ورڪر آهيون.

سيالڪوٽ ۾ ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي ن ليگ جي اڳواڻ خواجا آصف چيو ته بلدياتي چونڊن بدران عام چونڊون ٿي وينديون، قائد جو نعرو آهي ته وٽ کي عزت ڏيو ۽ ان تي عمل ٿيندو.

هن چيو ته جلد بيساکين واري حڪومت مان ڇوٽڪارو ملي ويندو، 15، 20 ڏينهن ۾ صورتحال واضح ٿي ويندي.

سندس چوڻ هوته ساڍن 3 سالن جي حڪومتي ڪارڪردگي عوام ئي بيان ڪري سگھي ٿو ۽ اجتماعي سوچ ڪڏهن به غلط ناهي هوندي.

ن ليگ جي اڳواڻ جو چوڻ هو ته هڪ شخص اهڙو آيو آهي جيڪو ڏينهن رات ڪوڙ ڳالهائي ٿو، ڪالهه جيڪڏهن پرويز رالاهي ڌاڙيل هو ته اڄ اهو دوست آهي.

خواجا آصف عمران خان تي تنقيد ڪندي چيو ته هڪ شخص چوندو آهي ته نواز شريف باهر رهي ٿو ۽ ان جي دولت ٻاهر آهي، هن جي اولاد مستقبل ٻاهر آهي، پنهنجي اندر ۾ جهاتي نه پائجو. ان جي انا قوم کان وڏي آهي، پاڪستان جو عوام ان جي قيمت ادا ڪري رهيو آهي.

Read Previous

شهباز شريف جي 14 روهين کان پوءِ چوڌري ڀائرن سان سندن گھر تي ملاقات

Read Next

وزيراعظم پاران ميان چنون واقعي جو نوٽيس، آءِ جي پنجاب کان رپورٽ طلب

Most Popular