عوام هوشيار ٿي وڃي! پيٽرول اڃا مهانگو ٿيندو

آئل اينڊ گئس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) چيئرمين پهرين مارچ کان پيٽروليم شين جي اگهن ۾ اڃا واڌ جو اشارو ڏئي ڇڏيو.

قومي اسيمبلي جي توانائي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ اوگرا چيئرمين مسرور خان ٻڌايو ته 12 هفتن ۾ جيڪي تيل جا اگهه وڌيا آهن، انهن جو مثال نٿو ملي، جيئن اگهه وڌندا ته ان جو بار عوام تي پوندو.

هوڏانهن اها ڳالهه به سامهون آئي ته پيٽروليم ڊويزن مارچ لاءِ ايل اين جي جو هڪ ٻيو مهانگو ڪارگو خريد ڪيو آهي، ڪارگو 25 ڊالر في ايم ايم بي ٽي يو جي ريٽ تي خريد ڪيو ويو آهي.

ان معاملي تي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ن ليگ سان واسطو رکندڙ ميمبر مرتضيٰ جاويد عباسي چيو ته مهانگي ايل اين جي جي خريداري حڪومت جي ناڪامي آهي.

واضح رهي ته يوڪرين ۽ روس وچ ۾ ڇڪتاڻ سبب به عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جا اگهه وڌي رهيا آهن.

Read Previous

پيپلز پارٽي جو سينيئر اڳواڻ رحمان ملڪ لاڏاڻو ڪري ويو

Read Next

جلد جي صحت لاءِ بهترين غذائن جو استعمال عادت بڻايو

Most Popular