روس – يوڪرين جنگ: پاڪستان ۾ پيٽرول ڪيترو مهانگو ٿيندو؟

روس ۽ يوڪرين وچ ۾ جنگ کانپوءِ عالمي مارڪيٽ ۾ تيل اگهه وڌڻ جا اثر پاڪستان تي به پوڻ جو خدشو آهي.

انڊسٽري ذريعن موجب عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمت 100 ڊالرن کان مٿي وڃي چڪي آهي ۽ اگهه پهرين مارچ تائين 100 ڊالر تي برقرار رهندا ته پاڪستان ۾ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ 7 رپيا في ليٽر تائين واڌ ٿي سگهي ٿي.

انڊسٽري ذريعن جو چوڻ آهي ته ان صورتحال ۾ ملڪ ۾ پهرين مارچ کان پيٽرول 7 ۽ ڊيزل 6 رپين تائين مهانگو ٿي سگهي ٿو.

واضح رهي ته اوگرا چيئرمين به ملڪ ۾ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ جو اشارو ڏئي چڪو آهي.

Read Previous

شاهد آفريدي به شاهنواز ڏاهاڻي جي تعريف بنا نه رهي سگهيو

Read Next

پيڪا قانون ۾ رڳو اختلاف ڪندڙن کي ٽارگيٽ ڪيو ويو، ڇو نه ڪالعدم قرار ڏيون

Most Popular