لاهور ٽيسٽ ۾ ساڳي پليئنگ اليون هوندي، وڌيڪ موقعا نٿا وڃائي سگهون: ڪمنز

آسٽريلوي ٽيسٽ ٽيم جي ڪپتان پيٽ ڪمنز چيو آهي ته لاهور ٽيسٽ ۾ ڪراچي ٽيسٽ وارا رانديگر ئي هوندا، مون کي پنهنجي اليون تي اعتماد آهي، اسان هاڻي وڌيڪ چانسز وڃائي سگهون.

لاهور ۾ آن لائن پريس ڪانفرنس ڪندي پيٽ ڪمنز جو چوڻ هو ته پچ تي گاهه ناهي، مان وڌيڪ هن پچ بابت ڪجهه نٿو چئي سگهان ته هي ڪيتري مختلف آهي، جڏهن ته ريورس سوئنگ جو ڪردار اهم هوندو.

هن چيو ته اسان سيريز کٽڻ لاءِ پراعتماد آهيون، ان لاءِ اسان کي موقعا نه وڃائڻ گهرجن، اسان کي ٻن اسپنرز جي ضرورت آهي، اسان آپشنز تي غور ڪيو پر اسان سمجهون ٿا اها ئي اليون بهتر آهي.

سندس چوڻ هو ته ڪراچي ۾ اسان وٽ موقعا هئا پر اسان فائدو نه ورتو ۽ فيلڊنگ ۾ وڌيڪ غلطيون ڪيون، هيءَ ميچ وڏي آهي، فاسٽ بالرز لاءِ موسم گرم آهي.

Read Previous

روس جي يوڪرين خلاف هائپر سونڪ ميزائل استعمال ڪرڻ جي دعويٰ

Read Next

ترين گروپ جو پنجاب ڪابينا جي اجلاس ۾ نه وڃڻ جو فيصلو

Most Popular