اهو درست ناهي ته سينيئر ئي مٿان وڃي، مقرري ميرٽ تي ٿيڻ گهرجي: وزيراعظم

عمران خان

وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اهو درست ناهي ته سينيئر ئي مٿي وڃي، مقرري ۽ ترقي ميرٽ تي ٿيڻ گهرجي.

اسلام آباد ۾ پمز اسپتال جي نئين ايمرجنسي وارڊ جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب سان خطاب ڪندي عمران خان چيو ته پمز اسپتال جو نئون ايمرجنسي وارڊ عالمي معيارن موجب قائم ڪيو ويندو، 1985ع کان پوءِ پهريون ڀيرو اسلام آباد ۾ نئين اسپتال ٺهي رهي آهي.

هن وڌيڪ چيو ته اهو درست ناهي ته سينيئر ئي مٿي ايندو، جيڪڏهن سينيئر سٺو چيف ايگزيڪيوٽو نٿو بڻجي سگهي ته پوءِ جيڪو بهترين آهي ان کي مٿي آندو وڃي، مقرري ۽ ترقي ميرٽ تي ٿيڻ گهرجي.

سندس چوڻ هو ته جيترو وڌيڪ ماڻهو ميرٽ تي رکندا اوترو معيار بلند ٿيندو، جيڪڏهن ميرٽ جي بالادستي کي يقيني بڻايو وڃي ته سرڪاري ادارا به معياري خدمتون فراهم ڪري سگهن ٿا.

وزيراعظم چيو ته اسان جي حڪومت معيشت، صحت ۽ تعليم تي بي مثال ڪم ڪرڻ واري پهرين حڪومت آهي.

Read Previous

ترين گروپ جو پنجاب ڪابينا جي اجلاس ۾ نه وڃڻ جو فيصلو

Read Next

جٿو آڻي ڪنهن اسيمبلي ميمبر کي روڪڻ جي اجازت نه ڏينداسين: چيف جسٽس

Most Popular