حريم شاهه ۽ شيخ رشيد وچ ۾ ڪهڙا معاملا طئي ٿي ويا؟

سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران مشهور پاڪستاني ٽڪ ٽاڪر حريم شاهه کي سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ تي غور ڪرڻ جي هدايت جاري ڪئي وئي آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ حريم شاهه جي سڪيورٽي بابت داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي.

ٻڌڻي دوران حريم شاهه جي وڪيل چيو ته حريم شاهه کي مسلسل هراسان ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته حريم شاهه ايف آءِ اي آڏو پيش ٿي ته کيس روڪيو ويو ۽ ڌمڪيون ڏنيون ويون.

ٻڌڻي دوران عدالت چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي سنڌ کي درخواست جو جائزو وٺڻ جي هدايت جاري ڪئي

عدالت وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ضرورت هجي ته حريم شاهه کي سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ تي غور ڪيو وڃي.

جنهن بعد عدالت حريم شاهه جي سيڪيورٽي بابت درخواست اڪلائي ڇڏي.

ٻئي پاسي عدالت ٻاهران ڳالهائيندي حريم شاهه چيو ته شيخ رشيد سان هاڻي ڪو به اختلاف ناهي، معاملا طئي ٿي ويا آهن.

حريم شاهه چيو ته هن ڪڏهن به ن ليگ جي حمايت ناهي ڪئي، مان هميشه مخالف رهي آهيان، پي ٽي آءِ جي حامي هئڻ جي باوجود پي ٽي آءِ جا ڪجهه ماڻهو منهنجي خلاف آهن.

Read Previous

هڪ مقرري ملڪ جو سياسي نظام جام ڪري ڇڏيو آهي: شيخ رشيد

Read Next

Internet dating Websites Designed for Marriage

Most Popular