ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز, ڪراچي ڪنگز کي 4 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي

پي ايس ايل 8 جي 22هين ميچ ۾ دلچسپ مقابلي کانپوءِ ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز مارٽن گپٽل جي جارحاڻي اننگز جي بدولت ڪراچي ڪنگز کي 4 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز پاران ڏنل 165 رنسن جو هدف ڪوئيٽا آخري اوور ۾ حاصل ڪري ورتو.
پنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز جي ڪپتان سرفراز احمد ٽاس کٽي ڪراچي ڪنگز کي پهريان بيٽنگ جي دعوت ڏني.
ڪراچي ڪنگز جي شروعات سٺي نه رهي، نسيم شاهه پهرين بال تي ميٿيو ويڊ کي آئوٽ ڪري ڇڏيو، جڏهن ته نئون بيٽسمين طيب طاهر 7 ۽ ان کانپوءِ قاسم اڪرم 8 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو.
اوپننگ بيٽسمين ايڊم راسنگٽن جارحاڻي انداز ۾ راند ڪندو رهيو پر سامهون کان وڪيٽون گرڻ جو سلسلو جاري رهيو.
ڪراچي جو ٽيون آئوٽ شعيب ملڪ هو جيڪو 13 رنسون ٺاهي هڪ ڇڪو هڻڻ جي ڪوشش ۾ ڪيچ آئوٽ ٿيو.
راسنگٽن کي ڪپتان عماد وسيم جو ڀرپور ساٿ ڏنو، ٻنهي وچ ۾ 30 بالن تي 46 رنسن جي پارٽنرشپ ڪراچي ڪنگز کي باعزت مجموعو تائين پهچائڻ ۾ مدد ڪئي.
اوپننگ بيٽسمين ايڊم روسنگٽن 124 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو، هن 45 بالن تي 69 رنسن جي اننگز کيڏي.
ان کانپوءِ ڪپتان عماد وسيم رنسون اسڪور ڪندو رهيو. هتي کيس آل رائونڊر عامر يامين سپورٽ ڪيو. عماد 30 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو جڏهن ته عامر 23 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو.
ڪراچي ڪنگز جي ٽيم مقرر 20 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 164 رنسون ٺاهيون.
ڪوئيٽا طرفان نسيم شاهه ۽ ايمل خان 2-2 جڏهن ته محمد نواز ۽ نوين حق هڪ هڪ وڪيٽ ورتي.
هدف جي تعاقب ۾ ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز جي شروعات سٺي نه رهي. اوپننگ بيٽسمين عمير يوسف 8 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو، جڏهن ته تجربيڪار محمد نواز 15 رنسون ٺاهي پويلين موٽي ويو.
ڪراچي جي تبريز شمسي ميچ جو رخ تبديل ڪيو ۽ ڪوئيٽا جي بيٽنگ لائن جي ريڙهه سمجهي افتخار احمد کي 4 ۽ نجيب الله زدران کي بالترتيب 4 ۽ 1 رنسون ٺاهي پويلين موڪليو.
شروعاتي 4 وڪيٽون گرڻ کانپوءِ ڪوئيٽا جي ٽيم هدف جي تعاقب ۾ بيڪ فوٽ تي نظر آئي، جڏهن ته سندن مشڪلاتون ان وقت وڌيڪ وڌي ويون جڏهن گذريل ميچ ۾ سٺي بيٽنگ جو مظاهرو ڪندڙ عمر اڪمل 9 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو.
جڏهن ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز جي ٽيم 63 رنسن تي 5 وڪيٽون وڃائي ويٺي ته ڪپتان سرفراز احمد ٽيم کي سنڀاليو ۽ گپٽل سان گڏ اسڪور کي اڳتي وڌايو.
اسٽريٽجڪ ٽائم آئوٽ کانپوءِ جڏهن ڪوئيٽا کي فتح لاءِ 5 اوورن ۾ 68 رنسون گهربل هيون، سرفراز ۽ گپٽل رنسن جي رفتار کي اڳتي وڌايو.
گپٽل 24 رنسون ٺاهي جيمز فلر جي هڪ اوور ۾ بالن ۽ رنسن جي وچ ۾ فرق کي گهٽائي ڇڏيو.
ٻنهي وچ ۾ 57 بالن ۾ 95 رنسن جي شاندار پارٽنرشپ ڪراچي کان فتح کسي ورتي.
سرفراز احمد 158 جي اسڪور تي مارٽن گپٽل جي وڪيٽ بچائي رن آئوٽ ٿي ويو. هن 25 بالن تي 29 رنسن جي ذميواراڻي اننگز کيڏي.
آخري لمحن ۾ ڊيوائن پريٽوريئس لڳاتار ٻن بالن تي ٻه چوڪا لڳائي گليڊي ايٽرز کي فتح ڏياري.
ڪراچي ڪنگز طرفان تبريز شمسي 4 اوورن ۾ 20 رنسون ڏئي 2 وڪيٽون وٺي شاندار رهيو، جڏهن ته عامر يامين، محمد موسيٰ ۽ جيمز فلر هڪ هڪ وڪيٽ ورتي.
ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز جي مارٽن گپٽل کي ميچ ۾ شاندار ڪارڪردگيءَ تي ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.

Read Previous

آءِ ايم ايف : پاڪستان جي فيصلن تي اطمينان جو اظهار

Read Next

سدھارٿ پنهنجي آس پاس جي ماڻهن جي تمام گهڻي عزت ڪندو آهي : ڪيرا ايڊواني

Most Popular