سنڌ جي تباهي جا سبب


: فقيرصابر حسين راڌڻ

سنڌ تاريخ جي نازڪ موڙ تي ڪنهن لاوارث پرديسي وانگر اچي بيٺي آھي يان ائين چئجي ته ڪنهن بيمار وانگر سڪرات جي حالت تي بيٺل آھي جتان سنڌ صرف پنهنجو وجود وڃائڻ طرف وڃي سگهي ٿي ۽ سنڌي اقليت ۾ تبديل ٿي سگهن ٿا جنهن جو اهم سبب سنڌين جي لاشعوري سبب خاموشي کان وٺي صرف وطن ڪارڊ انڪم سپورٽ ڪارڊ بينظير ڪارڊ راشن جو ڪٽو سلائي مشين نلڪو يان هڪ نالي ٺھڻ کان وٺي نالي ۽ گهٽي جي صفائي تي پنهنجي ضمير جو آساني سان وڪرو ڪرڻ آھي ته ڪڏهن ڪنهن اليڪشن ۾ چند ڏوڪرن تي ووٽ به وڪرو ڪندا رهندا آھن جهڙي طرح ھاڻ بلدياتي اليڪشن گذري جنهن مان سڄاڻ ڌريون سمجهي ويون هونديون جڏهن ته اليڪشن جو سمورو عملو پڻ وڪاميل ۽ اقتداري ڌر جي بستر جي زينت بڻيل هيو حقيقت اها آھي ته پ پ پارٽي جيڪا مسلسل چوڏهن سالن کان سنڌ تي مسلط ڪئي وئي آھي جنهن جي اقتدار جون واڳون خريد ڪيون ويون آھن ان جي مقابلي ۾ سنڌ ۾ ڪا به عوامي پارٽي جڙي نه آھي سگهي ڪجه وقت اڳ لياقت جتوئي عوامي اتحاد پارٽي جي نالي سان هڪ پارٽي ٺاهي پر هلائي نه سگهيو ۽ ن ليگ ۾ شموليت ڪيائين جنهن جي نظر انداز ڪرڻ جي ڪري تحريڪ انصاف ۾ ويو جنهن به ڪيترائي ڌوڪا ڪيا اٿس پر ٻي واھ نه هجڻ سبب اتي رهڻ کي بهتر ٿو سمجهي حقيقت ۾ لياقت جتوئي عوامي اتحاد پارٽي جي پليٽ فارم تان پ پ پارٽي لا۽ رستا روڪ وارو ڪردار بهتر انداز ۽ مخالف ڌر وارو پڻ ڪردار بهترين انداز ۾ ڪري رهيو هيو پر اقتدار جي حوس جي ڪري خاموش ٿي ويو آھي ڇو ته حزب اختلاف جو ڪردار ادا ڪرڻ لا۽ ايوانن ۾ هجڻ ضروري نه آھي ۽ بهترين ليڊر ايوانن جا محتاج نه آھن هوندا اهي صرف عوامي مقصدن سان مخلص هوندا آھن ۽ هاڻ تحريڪ انصاف جي پاليسي تي هلڻ مجبوري اٿس باقي سنڌ ۾ پ پ پارٽي جي مقابلي ۾ ڪابه پارٽي ناهي ۽ پ پ پارٽي اڪيلي سنڌ جي مالڪ بڻائي وئي آھي ۽ عوام جو به پ پ پارٽي جي سنڌ دشمن پاليسين ڏانهن ڪو به توجھ نه آھي ۽ سنڌ ۾ هڪ ئي پ پ پارٽي آھي جنهنجو بنياد ئي سنڌ سان غداري ۽ سنڌ کي وڪرو ڪري اقتدار حاصل ڪرڻ تي رکيو ويو هيو جنهن سان هو پنهنجا اثاثا ٺاهي سگهي ٿي پئي ٻيو سنڌ ۾ علائقائي موروثي جاگيردار طبقو آھي جنهن کي به سنڌ يان سنڌي عوامي مسئلن سان ڪو به تعلق يان پري جو به ڪو واسطو نظر نه ٿو اچي ۽ اهي به صرف اقتدار جي پويان ائين ڊڪندا نظر ايندا آھن جيئن ڪو جانور هڏي پويان ڊڪندو آھي ٽيون سنڌ ۾ درگاهون جام آھن جنهن ۾ اڃا اضافو ٿيندي نظر ٿو اچي جنهن ۾ ڪجھ جيئرا ولي ۽ مرشد آھن جڏهن ته ڪجھ وري دنيا ڇڏي ته ويا آھن پر انهن جا گادي نشين عوام کي بيوقوف بنائڻ ۾ پنهنجو عملي اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آھن ۽ پاڻ وري هر دور حڪومت مان فائدا حاصل به ڪندا رهندا آھن جڏهن ته انهن گادي نشينن جو به عوامي بنيادي مسئلن ۽ سهولتن کان وٺي سنڌ جي بقا ۽ فنا سان به ڪو تعلق نظر نه ٿو اچي جنهن جي کوکلي عقيدي ۾ سنڌي بنا پگهاڙ جي خوامخاھ غلام بڻيل آھن ٽيون آھن سنڌ جا سنڌي آفيسر جنهن کي صرف سياستدانن جي ڪمداري ڪرڻ ۾فخر محسوس ٿيندو آھي ۽ پو۽ پنهنجي لا۽ دولت گڏ ڪرڻي هوندي آھي جنهن جي ڪري اهي هر اليڪشن ۾ حڪومتي اشارن تي هڪ ناچڻي وانگرنچندا رهندا آھن ۽ پو۽ نتيجو اهو نڪرندو آھي ته چور پاٿاريدار ڏوهاري دهشت گردن جا سهولتڪار ۽ منشيات وڪرو ڪڻدڙ يان انهن جا سرپرست اسيمبلي ميمبر بڻجي ويندا آھن جنهن تي ڪابه آئيني قانوني پابندي نه آھي هوندي ۽ ڪردار مشڪوڪ هجڻ جي ڪري هو اسيمبلي ۾ خاموش رهندا آھن جنهن جي ڪري پنهنجي علائقي جي ترقياتي ڪمن لا۽ به ڪو موثر آواز اٿاري نه آھن سگهندا ۽ عوام کي بنيادي سهولتن روڊ رستن سميت صحت جون بنيادي سهولتون ۽ تعليم جهڙي زيور کان محروم رکڻ لا۽ عملي ڪردار ادا ڪندا رهندا آھن يان وري ڌارين جي آبادڪاري ۽ انهن کي شناختي ڪارڊ ۽ ڊوميسائيل ٺھرائي ڏيڻ تي اعتراض ڪري نه آھن سگهندا ۽ سنڌ ۾ ڌاڙين کي ملندڙ نوڪرين کان وٺي سنڌ جي وسيلن تي وفاق جي نالي تي پنجاب جو قابض ٿيڻ تي به خاموش ٿي ويهي رهندا آھن سنڌ جو پاڻي بند ڪري سنڌ کي سڪائڻ وارين سازشن يان وري گهڻي پاڻي جي ڪري هٿراڌو ٻوڏ وسيلي سنڌ کي تباھ ڪرڻ وارين عملي سازشن کي سمجهي ڪري به نظر انداز ڪري سنڌ سان غداري واري دشمني ڪري پنهنجن آقائن کي راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري پنهنجي نوڪري بچائيندا آھن جڏهن ته هاڻ سنڌ ۾ ڊجيٽل مردم شماري ٿي رهي آھي جيڪو سنڌين سان پڻ ويساھ گهاتي ٿيڻ جو عملي ڪم آھي جنهن سان سنڌي آساني سان اقليت ۾ تبديل ٿي سگهن ٿا ڇو ته ان سان سنڌ ۾ رهندڙ غير سنڌي ۽ غير ملڪي پناھ گيرن جي به ڳڻپ ڪئي ويندي ۽ جڏهن ته اڳ به 6 مردم شماريون ڪرايون ويون آھن جنهن مان سنڌين کي ڪو به فائدو نه ٿيو آھي جڏهن ته نقصان جا امڪان گهڻا هئا ۽ احتجاجن جي ڪري شايد اهي ردي جي ٽوڪري حوالي ٿي ويون يان سنڌين جو اڪثريت ۾ هجڻ ڪري رياستي ادارن کي حاصل مقصد نتيجا ملي نه سگهيا جنهن جي ڪري اهي ناڪاره بڻجي ويون ۽ هاڻ ڊجيٽل جي نالي تي هڪ نئون ڊرامو شروع ٿي ويو آھي ان ڪري سنڌي عوام کي پاڻ سوچڻو پوندو ۽ سجاڳ ٿي پنهنجو وجود بچائڻو پوندو ۽ نه ته ٿي سگهي ٿو ته ڪشميرين وانگر پنهنجي ڌرتي تي سرعام ماريا وڃون جيڪو سلسلو جاري ته آھي پر اڃا مڪمل طور سرعام ٿي نه آھي سگهيو يان خاموش رهڻ جي ڪري سرعام پنهنجي اکين سان پنهنجن عصمتن کي لٽجندي ڏسندا رهنداسين يان وري فلسطينين وانگر دوزخ جهڙي زندگي بڻجي سگهي ٿي ان ڪري اڃا وقت ويو نه آھي باقي قومپرست ويچارا پنهنجي روزي ڪرڻ ۾ مصروف عمل آھن انهن تي به ڀارڻ نه گهرجي ۽ انهن کي سنڌين ڪڏهن مثبت موٽ به ته نه آھي ڏني بحرحال عوام جو متحد ٿيڻ ۽ سجاگ ٿي پنهنجي ڌرتي تي پنهنجو اختيار ۽ سنڌيت جو وجود بچائڻ لا۽ جدوجهد ڪرڻ گهرجي

Read Previous

ملين ڊالر گفٽ ڪيس؛ اسرائيلي وزيراعظم کي نااهلي کان بچائڻ لاءِ قانون سازي

Read Next

مٺياڻي ٿاڻي جي حد ۾ ڏوھن ۾ اضافو: اختيارين کي تحفظ جي اپيل

Most Popular