نوشهروفيروز ۾ هيلٿ هم خيال گروپ جي شاندار گڏجاڻي

نوشهروفيروز (رپورٽ پٺاڻ ٻوھيو)
نوشهروفيروز ۾ هيلٿ هم خيال گروپ جي شاندار گڏجاڻي خانگي هال ۾ ٿي گذري جنهن ۾ سنڌ جي مختلف شهرن کان هيلٿ کاتي جي ملازم وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ان موقعي ملازمن جي ميڙ کي خطاب ڪندي ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر نوشهروفيروز ڊاڪٽر اسدااله ڪلهوڙو چيو ته هيلٿ کاتي جي ملازم هڪ کان سورنهن گريڊ تائين جا جيڪي جائز مسئلا آهن انهن جي حل لاء اڳ به پنهنجو ڪردار بهتر طريقي سان نڀايو آهي ۽ هن وقت به سندس مسئلن کان اعلا اختيارين کي لکندو رهان ٿو جن کي آءُ پنهنجي ٻچن جيان سمجهندو آهيان هي ملازم به اسان سان به ٻانهن ٻيلي رهيا آهن سندس جائز مسئلا حل ٿين هم خيال گروپ جي اڳواڻن پير ذيشان علي , مير اعجاز راڄپر , ممتاز علي عالماڻي , منظور احمد ملڪ , هدايت الله سولنگي , نصرت وسطڙو ۽ ٻين تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته اسان پنهنجي جائز حقن لاء مسلسل ڪراچي پريس ڪلب اڳيان 28 ڏينهن تائين بک هڙتال تي ويٺا رهيا سين سرڪار پاران مسئلا حل ڪرائڻ جي يقين دهاني ڪرائي وئي آهي پر 11 مارچ ويجهو اچي وئي ڪو به اهڙو ماحول نه پيو نظر اچي ته ڪي اسان جا بغير احتجاج جي مسئلا حل طرف ويندا هنن چيو ته ڪووڊ ۾ اسان جي ورڪرن پنهنجي جانين جي پرواهه ڪرڻ بجاء سنڌ واسين جي خدمت ڪري سندن جانيون بچائڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو آهي پر اسان جي جائز مسئلن جهڙوڪ ٽائيم اسڪيل , سروس اسٽيڪچر , ڪووڊ الائونس آهن اهي ڏيڻ بجاء ڪووڊ الائونس ڪٽيو ويو آهي هنن چيو ته هيلٿ کاتي جي آر ايڇ سيز کي اين جي اوز جي حوالي ڪرڻ جو امڪاني فيصلو جنهن کي اسان ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪنداسين انهيء فيصلي کي اسين ڪنڊم ڪيون ٿا هنن چتاءُ ڏيندي گهر ڪئي ته اگر سرڪار پنهنجو ڪيل واعدو پورو نه ڪيو ته نوشهروفيروز کان هي هيلٿ هم خيال گروپ جنهن اڄ کان شروعات ڪئي وئي آهي انشاءُ الله مسئلن جي حل تائين جاري رکيو ويندو ۽ سنڌ جي راڄڌاني تائين احتجاج کي وسيع ڪيو ويندو ان موقعي تي آيل مهمانن کي اجرڪ جا تحفا پيش ڪري گلن جي ورکا پڻ ڪئي وئي

Read Previous

مٺياڻي ٿاڻي جي حد ۾ ڏوھن ۾ اضافو: اختيارين کي تحفظ جي اپيل

Read Next

حضرت عبدالله شاھ اصحابي جي سالياني 384 ھين عرس جي موقعي تي ٺٽي ضلعي اندر عام موڪل جو اعلان

Most Popular