ڍاڪا ۾ 7 ماڙ عمارت ۾ زوردار ڌماڪي جي نتيجي ۾ 15 ڄڻا مارجي ويا، 100 کان وڌيڪ زخمي.

ڍاڪا ۾ 7 ماڙ عمارت ۾ زوردار ڌماڪي جي نتيجي ۾ 15 ڄڻا مارجي ويا ۽ 100 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا.
بنگلاديشي اخبار موجب ڌماڪي کان پوءِ فائر برگيڊ جون ڪيتريون ئي گاڏيون موقعي تي پهچي ويون.
ڌماڪو مقامي وقت موجب 4:50 تي ٿيو، ڌماڪي جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو آهي.
عمارت جي بيسمينٽ ۾ ڪيترائي ماڻهو دٻيل آهن، فوتين جو انگ وڌڻ جو خدشو آهي.
بنگلاديش جي اسپيشل فورس ريپڊ ايڪشن بٽالين جي بم ڊسپوزل يونٽ واقعي واري هنڌ تي امدادي ڪارروائين جي اڳواڻي ڪئي.
زخمين کي ڍاڪا ميڊيڪل ڪاليج اسپتال نيو ويو، عمارت جي پهرئين منزل تي سينيٽري شين جا ڪيترائي دڪان آهن جڏهن ته عمارت جي سامهون ’برڪ‘ بئنڪ جي هڪ شاخ آهي.
ڌماڪي سان بئنڪ جي دريءَ جا شيشا ٽٽي ويا ۽ روڊ جي ٻئي پاسي بيٺل بس پڻ تباهه ٿي وئي.
هيءَ عمارت ڍاڪا جي علائقي گلستان ۾ صديق بازار ۾ آهي.

Read Previous

توشه خانا ڪيس : عمران خان جي گرفتاري 13 مارچ تائين ملتوي

Read Next

هي عارضي صورتحال آهي، سمورا مسئلا حل ٿي ويندا : آصف علي زرداري

Most Popular