عمران خان جي گرفتاري لاءِ ڪوئيٽا پوليس لاهور پهچي وئي

عمران خان

ڪوئيٽا پوليس جي ٽيم پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي گرفتار ڪرڻ لاءِ لاهور پهچي وئي.

ڪوئيٽا پوليس جي ٽيم لاهور پهچڻ تي مقامي پوليس سان رابطو ڪري عمران خان جي گرفتاري ۾ مدد جي درخواست ڪئي آهي.

گذريل ڏينهن ڪوئيٽا جي جڊيشل مئجسٽريٽ عدالت پي ٽي آءِ چيئرمين جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا هئا.

جڊيشل مئجسٽريٽ عمران خان کي گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، جنهن تي عمل ڪرڻ لاءِ ڪوئيٽا پوليس لاهور پهچي وئي آهي.

ادارن خلاف بيان ڏيڻ تي پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين خلاف ڪوئيٽا جي بجلي روڊ ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته عمران خان لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ حفاظتي ضمانت لاءِ درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي.

Read Previous

ندا ياسر پاران مڙس ياسر نواز سان گڏ ڪنزا هاشمي جي سالگره تقريب ۾ شرڪت

Read Next

زارا نور عباس، هارون ڪدواني، حارث وحيد ۽ سدرا نيازي نئين ڊرامي ۾ گڏ نظر ايندا

Most Popular