ڪئناڊا جي ڀاءُ ڀيڻ دنيا جي سڀ کان اڳ جاڙن ٻارن جو رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو

ڪيناڊا جاڙا ٻار

ڪينيڊا جي جوڙي شڪينا راجندرم ۽ ڪيون نادرجا جي گهر ۾ وقت کان چار مهينا اڳ جنم وٺندڙ ڀائرن دنيا جي سڀ کان اڳ ۾ پيدا ٿيندڙ جاڙن ٻارن جو رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو.

شڪينا راجندرام جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽر جا لفظ ٻارن لاءِ حتمي ۽ تباهه ڪندڙ هئا، جڏهن مان ڊاڪٽر جي وات مان اهي لفظ نڪرندي ٻڌي رهي هيس ته تڏهن پنهنجي پيٽ ۾ پلجندڙ ٻارن کي تمام گهڻو زندهه محسوس ڪري رهي هيس.

هن چيو ته مان سمجهي نه سگهيس ته ٻار جيڪي منهنجي اندر ۾ ايترو زنده محسوس ڪن ٿا اهي ڪيئن قابل عمل نٿا ٿي سگهن.

سندس چوڻ موجب انهيءَ باوجود ٻيو ڪوبه رستو نه هو جو هوءَ پنهنجو مدو پورو ڪري سگهي، هن کي رت وهڻ شروع ٿي ويو، ۽ ڊاڪٽر چيو ته هوءَ جلد ٻارن کي جنم ڏيندي.

نادرجا جو چوڻ هو ته ڊاڪٽر جي خبر ايتري خراب هئي ته سندن ٻار زنده نه رهي سگهندا پر هنن اها مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

ٻار، جيڪي صرف 21 هفتا ۽ پنج ڏينهن جي حملن جا هئا، انٽرنيٽ تي معلومات جي ڳولا ڪئي، جيڪا انهن جي حوصله افزائي ڪندي هئي.

يو ايس سينٽرز فار ڊيزيز ڪنٽرول اينڊ پرينشن جو چوڻ آهي ته جيترو اڳ ٻار پيدا ٿيندو آهي، اوترو ئي موت يا سنگين معذوري جو خطرو هوندو آهي، جنهن ۾ 37 هفتا جي حمل کان اڳ پيدا ٿيندڙ ٻارن کي ساهه کڻڻ ۾ ڏکيائي، هاضمي جا مسئلا ۽ دماغ مان رت وهڻ شامل هوندا آهن.

اهي مسئلا خاص طور تي مائڪرو پريميز لاءِ سنجيده ٿي سگهن ٿا، جيڪي 26 هفتن جي حمل کان اڳ پيدا ٿين ٿا، جن جو وزن 26 اونس کان گهٽ هجي.

تحقيق ڏيکاري ٿي ته 22 هفتن ۾ پيدا ٿيندڙ ٻار جيڪي فعال طبي علاج حاصل ڪن ٿا، انهن جي بقا جي شرح 25 سيڪڙو کان 50 سيڪڙو آهي.

Read Previous

مهانگائي سالياني بنياد تي 25 هفتن جي بلند ترين سطح 42.27 سيڪڙو تي پهچي وئي

Read Next

ون ويب ڪمپني جو هلندڙ سال سيٽلائيٽ سسٽم سان انٽرنيٽ ذريعي دنيا کي ڳنڍڻ جو فيصلو

Most Popular