عمران خان جي گرفتاري: پي ٽي آءِ ڪارڪنن سان چڪريون، 54 پوليس اهلڪار زخمي، رينجرز به پهچي وئي

عمران خان

لاهور: پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي گرفتاري ۾ پوليس جي ناڪامي کانپوءِ پنجاب رينجرز جي وڏي نفري عدالتي حڪمن تي عملدرآمد لاءِ اڳوڻي وزيراعظم جي رهائشگاهه زمان پارڪ پهچي وئي.

زمان پارڪ ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ جي رهائشگاهه تي پوليس ۽ رينجرز پهچي وئي، جنهن بعد پوليس پي ٽي آءِ ڪارڪنن کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ ڳوڙها آڻيندڙ گيس جا شيل فائر ڪيا.

ٻئي طرف اسپتال ذريعن جيو نيوز کي ٻڌايو ته گذريل ڏينهن کان جاري جهڙپ ۾ 54 پوليس اهلڪار ۽ 8 شهري زخمي ٿي پيا آهن.

پي ٽي آءِ جي حمايتين جي پوليس سان رات دير تائين چڪريون ٿيون، کين زمان پارڪ ۾ سندن رهائشگاهه جو گهيراءُ ڪيو ويو، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پي ٽي آءِ ڪارڪنن کي گرفتار پڻ ڪيو.

پوليس عمران خان جي رهائشگاهه ويجهو رات دير سان پي ٽي آءِ جي حمايتين سان چڪريون ڪيو، مشتعل ماڻهن ڳوڙها آڻيندڙ گيس جا شيل فائر ڪيا ۽ پٿراءُ ڪيو.

عدالتي حڪمن تي عملدرآمد لاءِ پوليس آپريشن اڱاري تي شروع ڪيو، جڏهن ته وڏي نفري علائقي کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو، پر مڇريل ماڻهن قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي پنهنجي اڳواڻ جي گرفتاري جو ڪو به موقعو ڏيڻ کان انڪار ڪيو.

پي ٽي آءِ سڪيورٽي بنيادن تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ گرفتاري وارنٽ کي چئلينج ڪندي درخواست داخل ڪئي هئي.

عمران خان جي وڪيل اڱاري تي درخواست داخل ڪئي ۽ عدالت کي استدعا ڪئي ته ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ ساڳئي ڏينهن بينچ مقرر ڪئي وڃي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار آفيس اعتراض اٿاريو ته درخواست ۾ هٽايل وزيراعظم جي بائيو ميٽرڪ تصديق شامل ناهي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس عامر فاروق اپيل ۽ ان تي اعتراضن جي ٻڌڻي ڪندو.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق تحريڪ انصاف کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا درخواست تي اعتراض ختم ڪري ڇڏيا آهن؟ جنهن تي پي ٽي آءِ جي وڪيل خواجا حارث جواب ڏنو ته لاهور ۾ ڇا ٿي رهيو آهي عدالت کي خبر آهي.

جسٽس عامر فاروق چيو ته جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، اهو اوهان جي عملن جو نتيجو آهي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، وڪيل کي اهو به چيو ته درخواست تي اڃا تائين فيصلو ناهي ٿيو، هو فيصلو اچڻ بعد ان جي ٻڌڻي ڪندو.

جسٽس عامر فاروق پڇاڻو ڪيو ته عدالت جي رليف جو ڇا ٿيو؟ عدالت جي حڪمن تي عمل نه ٿيو، ڏسنداسين ته نتيجو ڇا نڪرندو آهي.

ٻئي طرف خواجا حارث عدالت کي درخواست ڪئي ته ڪيس جي ٻڌڻي 12 وڳي تائين ملتوي ڪئي وڃي.

Read Previous

وزيراعظم آءِ ايم ايف معاهدي سان غريب عوام تي وڌيڪ بار پوڻ کان خبردار ڪري ڇڏيو

Read Next

عمران خان جي امڪاني گرفتاري خلاف ملڪ جي وڏن شهرن ۾ احتجاج ۽ چڪريون

Most Popular