عمران خان جي گرفتاريءَ لاءِ آپريشن سڀاڻي تائين فوري روڪڻ جو حڪم

لاهور هائي ڪورٽ

پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي گرفتاري لاءِ گذريل ڏينهن شروع ٿيندڙ آپريشن لاهور هاءِ ڪورٽ سڀاڻي صبح 10 وڳي تائين فوري طور تي روڪڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

زمان پارڪ ۾ پوليس آپريشن روڪڻ بابت پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري جي درخواست تي ٻڌڻي دوران ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب شان گل لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيو.

پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيل چيو ته هو عمران خان جو دفاع نه ڪري رهيا آهن، زمان پارڪ ٻاهران جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو بنيادي حقن جي ڀڃڪڙي آهي.

ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين جو ڪيس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي، اها درخواست لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ نٿي ٻڌي سگهجي.

جسٽس طارق سليم شيخ چيو ته اهو معاملو ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان حل ٿيڻو آهي، اسلام آباد پوليس آپريشن جي قيادت ڪير ڪري رهيو آهي، ان کي سڏينداسين.

جسٽس طارق سليم شيخ چيو ته اسلام آباد پوليس آفيسر عدالت ۾ پيش نه ٿيو ته سندن وارنٽ جاري ڪنداسين، وفاقي حڪومت جي وڪيل چيو ته اسلام آباد پوليس لاهور هاءِ ڪورٽ جي دائري ۾ نه ٿي اچي.

عدالت چيف سيڪريٽري پنجاب، آءِ جي پنجاب ۽ ڊي آءِ جي آپريشنز اسلام آباد شهزاد بخاري کي فوري طور تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

وقفي کانپوءِ آءِ جي پنجاب عدالت ۾ پيش ٿيو، جسٽس طارق سليم شيخ کيس چيو ته جيڪڏهن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي تائين آپريشن روڪيون ته ڪو اعتراض آهي؟

آءِ جي پنجاب جواب ڏنو ته عدالت جي هر حڪم تي عمل ڪرڻ جا پابند آهيون، لاهور هاءِ ڪورٽ سڀاڻي صبح 10 وڳي تائين پوليس آپريشن روڪڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

Read Previous

چين وچ اوڀر ۾ آمريڪي بالادستي جي مفروضي کي ٽوڙي ڇڏيو

Read Next

آءِ جي گلگت بلتستان محمد سعيد کي عهدي تان هٽايو ويو

Most Popular