اسحاق ڊار پاران آءِ ايم ايف سان معاهدي بعد سمورا تفصيل سامهون آڻڻ جي خاطري

اسحاق ڊار

اسلام آباد: ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار آءِ ايم ايف سان معاهدي کانپوءِ سمورا تفصيل سامهون آڻڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي.

سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي آڏو ڳالهائيندي هن چيو ته معاهدي تي صحيح ٿيڻ کانپوءِ ان کي ناڻي واري وزارت جي ويب سائيٽ تي عوام جي نظرثاني لاءِ رکيو ويندو ۽ ان ۾ ڪا به شيءِ لڪائي نه ويندي.

ناڻي واري وزير چيو ته هو ملڪ ۾ شفافيت ۽ مالياتي نظم و ضبط تي يقين رکن ٿا، اسان هڪ خودمختيار ملڪ آهيون ۽ دنيا ۾ ڪنهن کي به اهو چوڻ جو حق ناهي ته اسان وٽ ڪهڙي رينج جا ميزائل هجڻ گهرجن.

ڪميٽي ۾ اٿاريل نقطن جو جواب ڏيندي هن چيو ته پاڪستان ۾ ڪو به ملڪ جي ايٽمي ۽ ميزائل اثاثن تي سمجهوتو نٿو ڪري سگهي.

ان کان اڳ سينيٽ فلور تي ڳالهائيندي پ پ اڳواڻ رضا رباني چيو ته پارليامينٽ پنهنجا اختيار استعمال ڪري ٻين قوتن کي قانون سازي جي معاملن ۾ مداخلت کان روڪي، پارليامينٽ کي ڪنهن به ڌر جي حڪم تي نه جهڪڻ گهرجي.

جماعت اسلامي جي اڳواڻ مشتاق احمد خان چيو آهي ته ملڪ ۾ حقيقي جمهوريت کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ پارليامينٽ کي پاڪستاني عوام جي امنگن جو مرڪز بڻائڻ گهرجي.

Read Previous

شهباز شريف سان چيئرمين جي سي ايس سي جنرل ساحر شمشاد جي ملاقات

Read Next

اداڪاره منشا پاشا جو مشهور شخصيتن کي جهيڙن کان پاسو ڪرڻ جو مشورو

Most Popular