پي ڊي ايم حڪومت سمورن ڪيسن ۾ ضمانت باوجود گرفتار ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي، عمران خان

عمران خان

پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته پي ڊي ايم حڪومت سندس خلاف داخل سمورن ڪيسن ۾ ضمانت ٿيڻ باوجود کيس گرفتار ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي.

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي پيغام ۾ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو ته توشه خانه ڪيس ۾ عدالت ۾ پيش ٿيڻ لاءِ اسلام آباد وڃي رهيو آهيان، حڪومت جي ناپاڪ ارادن کان واقف آهيان.

عمران خان چيو ته هو قانون جي بالادستي تي يقين رکن ٿا پر هن جعلسازي جي ٽولي جا ناپاڪ ارادا سڀني تي واضح ٿيڻ گهرجن.

هن چيو ته هاڻي اهو به واضح ٿي ويو آهي ته لاهور جو گهيرو ڪنهن ڪيس ۾ عدالت ۾ پيشي کي يقيني بڻائڻ لاءِ نه پر مون کي جيل موڪلڻ هو ته جيئن مان پنهنجي چونڊ مهم جي اڳواڻي نه ڪري سگهان.

هڪ الڳ وڊيو پيغام ۾ پي ٽي آءِ سربراهه چيو ته سندس گرفتاري لنڊن پلان جو حصو آهي، جيئن مسلم ليگ ن جو سربراهه نواز شريف به اهو ئي چاهي ٿو.

Read Previous

عمران خان جي آمد کان اڳ اسلام آباد ۾ قيدين جون گاڏيون ۽ ڪنٽينر رکيا ويا

Read Next

عمران خان جي رهائش گاهه تان پوليس خلاف استعمال ٿيل موادهٿ، 40کان وڌيڪ ڪارڪن گرفتار

Most Popular