گهٽ آمدني وارن طبقن کي پيٽرول سبسڊي بابت حڪومت مشاورت ناهي ڪئي: آءِ ايم ايف

عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) چيو آهي ته پاڪستاني حڪومت گهٽ آمدني وارن ماڻهن لاءِ پيٽرول سبسڊي تي عالمي قرض ڏيندڙ سان مشورو ناهي ڪيو.

پاڪستان لاءِ آءِ ايم ايف جي نمائندي ايسٿر پيريز چيو آهي ته قرض ڏيندڙ سان حڪومت جي گهٽ آمدني وارن لاءِ سبسڊي فراهم ڪرڻ ۽ اميرن لاءِ تيل جي قيمتن ۾ واڌ جي منصوبي تي مشاورت نه ڪئي وئي.

پيريز چيو ته فنڊ اسٽاف اسڪيم جي آپريشن، قيمت، ھدف ڪرڻ، فراڊ ۽ غلط استعمال خلاف تحفظ ۽ جوابي قدمن جي حوالي سان وڌيڪ تفصيل گهري رهيا آهيون.

پيريز بلومبرگ کي ٻڌايو ته ڪجهه پوائنٽس بند ٿيڻ کانپوءِ هڪ عملي سطح جو معاهدو ڪيو ويندو.

هڪ ڏينهن اڳ پيٽروليم واري مملڪتي وزير مصدق ملڪ اعلان ڪيو هو ته وفاقي حڪومت موٽرسائيڪل سوارن ۽ 800 سي سي تائين جي گاڏين جي مالڪن کي 100 رپين تائين قيمت ۾ فراهم ڪندي ته جيئن مهانگائيءَ سبب متاثر عوام تي پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ جو اثر نه پوي.

لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي مصدق ملڪ چيو ته وزيراعظم شهباز شريف گهٽ آمدني وارن ماڻهن کي پيٽرول تي 100 رپيا في ليٽر سبسڊي ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي.

وفاقي وزير چيو ته جامع حڪمت عملي تحت موٽرسائيڪل سوارن ۽ 800 سي سي تائين گاڏين جي مالڪن کي سبسڊي وارو پيٽرول فراهم ڪيو ويندو، 800 سي سي کان مٿي گاڏين جي مالڪن کان پوري قيمت وصول ڪئي ويندي.

Read Previous

بلاول ڀٽو ڪورنگي ۾ دل جي بيمارين واري سڀ کان وڏي اسپتال جي پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو

Read Next

توشه خانو نااهلي ڪيس، عمران خان لاهور هائي ڪورٽ ۾ پيش

Most Popular