سلمان خان کي موتمار ڌمڪيون: ڪولڪتا ۾ شو هڪ ڀيرو ٻيهر ملتوي

ڪولڪتا ۾ اداڪار سلمان خان جو شو هڪ ڀيرو ٻيهر اي ميل ذريعي موت جي ڌمڪيون ملڻ کانپوءِ ملتوي ٿي ويو.

جنوري ۾ سلمان خان جي دبنگ ٽور پرفارمنس کي اپريل تائين ملتوي ڪيو ويو هو، هاڻي وري هڪ ڀيرو ٻيهر ملتوي ڪيو ويو آهي.

شو جي انتظاميا شو ختم ڪرڻ وارين افواهن کي رد ڪندي چيو آهي ته شو هن ڀيرو ختم نه پر ملتوي ڪيو ويو آهي، اداڪار مئي ۽ جون جي وچ ۾ شو ۾ پرفارم ڪندو.

ڪجهه ذريعن موجب سلمان جو ڪولڪتا شو، جنهن ۾ سوناڪشي سنها، جيڪلين فرنينڊس، پرڀو ديوا، ايوش شرما ۽ گرو رنڌاوا پڻ شامل آهن، سيڪيورٽي خدشن سبب نه ٿي سگهندو.

بهرحال شو جي آرگنائيزرز جو چوڻ آهي ته شو پلاننگ موجب هلندو، اپريل ۾ نه پر مئي ۽ جون ۾ ۾ ٿيندو، سلمان خان جي ٽيم نومبر ۽ ڊسمبر ۾ ڪولڪتا جو دورو به ڪيو هو.

Read Previous

نواز شريف جو هن اليڪشن ۾ سياسي موت ٿيڻ وارو آهي، عمران خان

Read Next

ورون ڌون پاران اننيا پانڊي جي ڪردار واري نئين ويب سيريز ”ڪال مي بي“ متعارف

Most Popular