ڪڏھن ڳاڙھو گھوٽ ڪڏھن مڙھ مقام ۾

 فقير محمد علي وساڻ جو وڇوڙو

نورسنڌي 

شھدادپور جي حر جماعت سان وابسطا وساڻ خاندان جون سياسي سماجي خدمتون ڪنھن کان ڳجھون نه آھي مشھور سياسي سماجي شخصيت مير محمد خان وساڻ انتھائي پياري شخصيت سچو کرو انسان ھو 

سندس فرزند مور فقير محمد علي خان وساڻ به مور ماڻھون انتھائي پياري ۽ ھر دل عزيز سدا بھار شخصيت ھو جيڪو 22مارچ 2023ع تي اسان کان وڇڙي ويو پاڻ چند ڏينھن اڳ بيمار ٿي ويو ۽ ڪراچي جي ھڪ اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو جتي ھن دم ڌڻي حوالي ڪيو -موت اٽل ۽ برحق آھي جيڪو ڏينھن پڄاڻي ھر انسان تي اچڻو آھي اسان ڪنھن جي وصال جو ٻڌندا آھيون ته اھو چئي ڏيندا آھيوڪ ته بس پڄي آئيس پر فقير محمد علي وساڻ اھا شخصيت ھو جنھن جي لاڏاڻي تي اھڙن لفظن جو تصور به نه آيو ۽ حر جماعت جي ھر ماڻھون سندس دوستن ۽ شھدادپور جي شھرين سندس جنھن به سندس لاڏاڻي جو ٻڌو ته دانھن نڪري وئي ھر ماڻھو سندس لاڏاڻي جو ٻڌي اھو چئي رھيو ھو ھي ويل نه وڃڻ جي  

فقير محمد علي وساڻ پنھجي مرشد ۾ فنا ٿي ويل هڪڙي فقير ھو جيڪو وڇڙي ويو 

آئون جڏھن صحافت ۾ آيس تڏھن فقير محمد علي وساڻ ڦوھ جوان ھو اسان جي دوست تاج حيدري سان نيازمندي ھئس ھڪ دفعي تاج حيدري سان گڏ وساڻ وساڻ (ان وقت جي مشھور مھراڻ ڪاٽن فيڪٽري )۾ ساڻس  ملاقات دوران ڄاڻ سڃاڻ ٿي ساڻس ڪا ايتري ھجت به نه ھئي بس نيازمندي جڏھن به جتي به ملندو ھو لکين عزتون ڏيندو

ساڻس ملندڙ واقف  اڻ واقف ھر ماڻھون جي عزت ڪندو ھو 

سندس خاندان سياست سان وابسطا آھي پر پاڻ غير سياسي شخصيت ھو پاڻ زندگي جو وڏو حصو پنھجي مرشد ستين پيرسائين پاڳارو سائين شاھ مردان شاھ جي خدمت ۾ گذاريو ائين کڻي چئجي ته فقير محمد علي خان وساڻ پاڻ کي مرشد ۾ فنا ڪري ڇڏيو ھن فقير پنھجو گيٽ اپ به پير صاحب جي عشق ۽ عقيدت ۾ اھڙوئي رکيو 

ھون ته سندس خاندان لاء مشھور آھي ته ھن خاندان ڪنھن کي تڪليف نه ڏني آھي پر فقير محمد علي ته سفا فقير منش انسان ڪڏھن به ڪنھن سان ڏاڍيان به نه ڳالھايو ھر ماڻھون جي عزت احترام ڪرڻ وارو سدائين ھر ماڻھون سان مسڪرائيندي ڌيرج آواز ۾ ڳالھائيڻ وارو ھو ڪچھرين جو ڪوڏيو ھوندو ھو سندس غريبن سان به ياري ھوندي-جن سان واسطيداري ھوندي ھئس انھن وٽ اڪثر بنا ٻڌائيڻ جي ھليو ويندو ھو سندن غم خوشي ۾ شامل رھندو ھو -ساڻس آخري ملاقات شھدادپور جي مشھور ھاڪراحمد ظفر بخاري جي جنازي نماز جي موقعي تي ھرداس پور چونڪ تي ٿي ھئي جتي ھو احمد ظفر بخاري جون ياديون ياد ڪري ٻڌائي رھيو ھو  پاڻ پنھجي ڪافي غريب دوستن سان گڏ غريب ماڻھن جي نمائيش ڪرڻ کانسواء  مدد  ڪندو ھو-پاڻ نازڪ نفيس انسان ھو کيس شاھ لطيف ڀٽائي جي ڪافي شاعري ياد ھوندي ھئي مھل موقعي تي شعر به چوندو ھو جھونگاريندو به ھو-فقير محمد علي خان وساڻ درگاه شريف جي حوالي سان ڪافي  ڄاڻ رکندو ھو ، پير صاحب پاڳارن جي تاريخ کان آگاهه هو، فقير محمد علي وساڻ روضي ڌڻي جي راڳ کي نه صرف سمجهندو هو، پر گهري دلچسپي به رکندو ھو ۽ ڳائيندو به ھو سندس آواز ۾ وڏو ميٺاس ھو سندس ترنم ۾ روضي ڌڻي جو ڪلام ڳائيڻ مان اندازو ٿئي ٿو ته پاڻ راڳڌاني ۾ ڄاڻ به رکندو ھو

فقير محمد علي وساڻ جي لاڏاڻي بعد  مختلف دوستن پاران فيس بوڪ تي رکيل سندس وڊيو مان خبر پئي ته پاڻ  پير اصغر سائين جون ڪافيون به ترنم ۾ جھونگاريندو ھو  حر جماعت جي ڪارونهوار ۽ انتطامڪاري کان به واقف هو.پاڻ سدائين جماعتي اصولن تي عمل پيرا رھيو ڪپڙي لٽي پائيڻ جو شوقين خاص موقعن تي جڏھن سنڌ جي ثقافت پٽڪو ٻڌندو ھو ته سفا شھزادو لڳندو ھو -پاڻ ھمٿ ڀريو جرعت مند مظبوط ايرادي جو مالڪ ھو -پاڻ انتھائي سادگي پسند محبتي شخصيت ھو سندس جنازي نماز ۾ عوام جي ڇوليون ھڻندڙ سمنڊ مان اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته شھر جا ماڻھو توڙي سڄي سنڌ ۾ حر جماعت جا ماڻھون ساڻس ڪيتري محبت ڪندا ھئا ھر ماڻھون جي اک آلي ھئي ھر ماڻھون سندس فقير منشي سدا بھار سادگي ھر ماڻھون جي عزت احترام ڪرڻ مھمان نوازي وارا ڳڻ ڳائي رھيو آھي 

ھر ماڻھون سندس آخري ديدار ڪرڻ ڪرڻ لاء جتن ڪري رھيو ھو 

سندس آخري ديدار ڪرڻ وقت ائين لڳي رھيو ھو جھڙو اگھور ننڊ ۾ ستل ھجي سندس چھري تي اھائي مسڪراھٽ جھڙي ماڻھن سان ملڻ وقت ھوندي ھئس سدائين ھر ماڻھون کي کلي کيڪاريندڙ فقير محمد علي وسڻ اڇي ڪفن ۾ اگھور ننڊ ۾ ستل ھو 

کيس اباڻي قبرستان ۾ ڌرتي ماء جي ھنج حوالي ڪيو ويو  فقير محمد علي وساڻ جھڙيون شخصيتون روز روز پئدا نه ٿينديون آھن لاڏاڻي بعد وڏو خال پئدا ڪري وينديون آھن 

مالڪ جي در دعا آھي ته الله پاڪ مرحوم جا درجات بلند ڪري ۽ جنت ۾ جڳهه عطا فرمائي سندس سوڳوار خاندان کي صبر تحمل جي توفيق عطا فرمائي آمين

Read Previous

ڇا آمريڪي حڪومت ٽڪ ٽاڪ تائين رسائي مڪمل طور روڪي سگهي ٿي؟

Read Next

عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۾ ھاڪاري تبديلي

Most Popular