ٿري ايڊيئٽس جي سيڪوئل تي ڪم جاري آهي؟ ڪرينا جو عامر خان ۽ ٻين جي وڊيو تي ردعمل

ٿري ايڊيئيٽس هڪ اهڙي فلم هئي، جنهن کي توهان ڪيترا به ڀيرا ڏسندا آهيو، تڏهن به اُها توهان کي کلائي ڇڏيندي آهي.

ڪاسٽ، گانا ۽ سڀ کان اهم ڳالهه اها ته هڪ تمام گهڻي لاڳاپيل ڪهاڻي سامعين کي پسند آئي ۽ اڄ به ان کي بيحد پيار ملي رهيو آهي.

ڪرينا ڪپور خان پنهنجي سوشل ميڊيا هينڊل تي هڪ وڊيو شيئر ڪئي، جنهن ۾ هوءَ تازو ئي وائرل ٿيل هڪ وڊيو تي پنهنجي مايوسي جو اظهار ڪندي ڏسي سگهجي ٿي.

ڪلپ ۾ عامر خان، شرمن جوشي ۽ آر ماڌاون گڏ نظر اچي رهيا آهن، وڊيو ۾ ڪرينا به ساڳي ڳالهه ڪندي نظر اچي رهي آهي.

ڇا اهو راز آهي، جيڪو اهي ٽئي اسان کان لڪائي رهيا آهن، هوءَ چوي ٿي، مهرباني ڪري اهو نه چئو ته اهو شرمين جي فلم جو پروموشن آهي.

اداڪاره چيو ته اهو فلم ٿري ايڊيئٽس جو سيڪول آهي ۽ خبر ناهي ته ڇو مونکي آر ماڌون ناهي ٻڌايو، آئون فون ڪري کانئس پڇانس ٿي.

Read Previous

ڪارتڪ آريان فلم ”ستيا پريم ڪي ڪٿا“ جي سيٽ تان هڪ تصوير شيئر ڪري ڇڏي

Read Next

نيها ڌوپيا ۽ انگد بيدي جا هڪ راندين جي تقريب ۾ انوشڪا ۽ ويرات ڪوهلي سان گڏ پوز

Most Popular