مونکي گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير وڃڻ جا مشورا ڏنا پيا وڃن، عمران خان

عمران خان

لاهور: پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته زمان پارڪ ۾ ئي رهندس، جنهن کي مارڻو آهي اچي ماري ڇڏي.

وڊيو لنڪ ذريعي قوم کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته مون کي صلاح ڏني پئي وڃي ته توهان آزاد ڪشمير يا گلگت بلتستان وڃو ڇو ته اتي توهان جي حڪومت آهي ۽ توهان کي تحفظ به گهرجي پر هاڻي مون فيصلو ڪري ڇڏيو آهي.

عمران خان چيو ته کيس ڪيترائي ڀيرا مشورو ڏنو ويو ته هتان موڪلايو پر مون انڪار ڪيو، مان زمان پارڪ ۾ ئي رھندس ۽ هتي ئي آھيان، جيڪو مون کي مارڻ گھري ٿو، اچي ماري ڇڏي.

پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو ته مينار پاڪستان جي جلسي کي روڪڻ لاءِ پي ٽي آءِ جي هڪ هزار کان وڌيڪ ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، پر قوم هاڻي روڪڻ واري ناهي.

هن چيو ته قانون طاقتور کي اهو حق نٿو ڏئي ته هو جيڪو چاهي اهو ڪري، مديني جي رياست ۾ پهرين قانون جي حڪمراني هئي، پاڪستان ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي ان جو مسئلو اهو آهي ته طاقتور پاڻ کي قانون کان مٿانهون سمجهن ٿا.

Read Previous

چين ٽڪ ٽاڪ جي زبردستي وڪري جي سختي سان مخالفت ڪري ڇڏي

Read Next

حقيقي آزادي دفن ٿي چڪي، اڄ جنازو مينار پاڪستان تي ٿيندو، مريم اورنگزيب

Most Popular