هينري شپلي جي شاندار بالنگ، سريلنڪا نيوزيلينڊ کي وڏي مارجن تان شڪست ڏئي ڇڏي

نيوزيلينڊ جي هينري شپلي گرائونڊ تي پنهنجي والدين ۽ زال جي موجودگي ۾ شاندار بالنگ ڪري سريلنڪن رانديگرن جا حوصلا ئي خطا ڪري ڇڏيا.

هن گذريل 42 ميچن ۾ صرف هڪ ڀيرو پنج وڪيٽون ورتيون هيون، پر ايڊن پارڪ ۾ ڪيوي بالر سريلنڪا جي مڊل آرڊر کي تباهه ڪري ڇڏيو ۽ نيوزيلينڊ کي وڏي فتح جي رستي تي آڻي ڇڏيو.

شپلي 31 رنسون ڏئي 5 وڪيٽون ورتيون، جيڪي پنج رانديگر سريلنڪا جي ٽاپ 7 رانديگرن ۾ شامل هئا.

نيوزيلينڊ پهرين اننگز ۾ 274 رنسون ٺاهيون، پر سريلنڪن ٽيم صرف 76 رنسن تي ڍير ٿي وئي.

شپلي چيو چيو ته گهر جي ڀاتين سامهون کيڏڻ ۽ اهو آواز ٻڌڻ جڏهن شيون اسان جي رستي تي هلي رهيون آهن ته اهو منهنجي لاءِ تمام خاص آهي، جيڪو مون سان گهڻي وقت تائين رهندو .

Read Previous

انيل ڪپور ۽ سونم, سنيتا ڪپور سان پيار جي اظهار لاءِ پوسٽون شيئر ڪيون

Read Next

ڪووڊ 19 پهريون ڀيرو جانورن مان انسانن تائين پکڙي، نئي تحقيق

Most Popular