پنجاب ۽ ڪي پي ۾ چونڊون ملتوي ڪيس: سپريم ڪورٽ جي پنج رڪني بئنچ ٽُٽِي وئي

Justice aminuldin

پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ چونڊون ملتوي ڪرڻ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ڪندڙ سپريم ڪورٽ جي لارجر بينچ ٽـُٽِي وئي.

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ طرفان گذريل رات جاري ڪيل فيصلي جي حوالي سان لارجر بينچ ۾ شامل جسٽس امين الدين خان ڪيس جي ٻڌڻي کان معذرت ڪري ورتي.

سپريم ڪورٽ ۾ اڄ 5 رڪني لارجر بينچ ٻڌڻي لاءِ پهتي، چيف جسٽس آف پاڪستان عمر عطا بنديال چيو ته جسٽس امين الدين خان ڪجهه چوڻ چاهي ٿو.

جسٽس امين الدين خان چيو ته هو جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي فيصلي جي حوالي سان ڪيس ٻڌڻ کان معذرت ڪري ٿو.

هن چيو ته گذريل ڏينهن واري فيصلي کانپوءِ بينچ ڪيس جي ڪارروائي جاري رکڻ چاهي ٿي، جسٽس امين الدين اهو چوڻ کانپوءِ ڪمري مان نڪري ويو.

چونڊون ملتوي ڪرڻ خلاف ڪيس ۾ هاڻي نئين بينچ جوڙي ويندي.

Read Previous

راڪول پريت سنگهه جي نئين جم چيلنج وڊيو ڌوم مچائي ڇڏي

Read Next

وزيراعظم جسٽس فائز عيسيٰ خلاف ريفرنس واپس وٺڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

Most Popular