بابر اعظم ۽ حارث رئوف روحاني سفر جا لمحا مداحن سان شيئر ڪيا

babar azam

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان بابر اعظم ۽ فاسٽ بالر حارث رئوف نيوزيلينڊ خلاف هوم سيريز کان اڳ وقفو ورتو آهي.

ٻنهي ڪرڪيٽرن جي موڪلن ۾ رمضان جي مقدس مهيني دوران سعودي عرب جو روحاني دورو پڻ شامل آهي، جيئن انهن مڪي ۽ مديني جون تصويرون شيئر ڪيون.

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي بابر اعظم روضه رسول صلي الله عليه وآله وسلم جي تصوير شيئر ڪئي، هن ڪيپشن ۾ آخري نبي صلي الله عليه وسلم جي شان ۾ هڪ شاعرانه لائن به لکي آهي.

ان دوران حارث رئوف ڪعبي جا پنهنجا لمحا شيئر ڪيا آهن، کيس عمره ادا ڪرڻ لاءِ خاص لباس ۾ احرام پهريل ڏسي سگهجي ٿو، ان جي ڪيپشن ۾ هن ”الحمدلله“ لکيو.

Read Previous

جوفرا آرچر جو ايشيز کان اڳ ريڊ بال ميچ کيڏڻ جو ڪوبه امڪان ناهي، سسيڪس ڪوچ

Read Next

ڊونلڊ ٽرمپ تي پورن اسٽار کي ڳجهي نموني پئسا ڏيڻ تي فرد جرم لاڳو ٿيندو

Most Popular