برطانوي اربپتي رچرڊ برانسن جي راڪيٽ ڪمپني 85 سيڪڙو ملازم فارغ ڪندي

Richard Branson

برطانوي ارب پتي سر رچرڊ برانسن جي راڪيٽ ڪمپني ورجن اوربٽ جو چوڻ آهي ته اها نئين سيڙپڪاري حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيڻ سبب پنهنجي 85 سيڪڙو عملي کي برطرف ڪندي.

ميڊيا رپورٽن موجب اها فرم به ويجهي مستقبل ۾ پنهنجو ڪم بند ڪندي، اهو ان وقت سامهون آيو جڏهن ڪمپني پنهنجا معاملا بهتر ڪرڻ جي ڪوششن ۾ ناڪامي تي ڪم بند ڪري ڇڏيو.

هن سال جي شروعات ۾ هڪ ورجن آربٽ راڪيٽ برطانيه جي سرزمين مان پهريون سيٽلائيٽ لانچ مڪمل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيو.

خميس تي نيويارڪ ۾ واپار دوران ڪمپني جا حصا 44 سيڪڙو کان وڌيڪ ڪري ويا.

Read Previous

ڊونلڊ ٽرمپ تي پورن اسٽار کي ڳجهي نموني پئسا ڏيڻ تي فرد جرم لاڳو ٿيندو

Read Next

پيٽرول جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو فائدو عوام کي نه ملڻ جو خدشو

Most Popular