اڳوڻو ڀارتي آل رائونڊر سليم دراني 88 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو

نئين دهلي: ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جو اڳوڻو آل رائونڊر سليم دراني 88 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.

کاٻي هٿ جي بيٽسمين ۽ کاٻي هٿ جي اسپنر سليم دراني 1960 کان 1973 جي وچ ۾ ڀارت لاءِ 29 ٽيسٽ کيڏيا، 1202 رنسون ٺاهيون ۽ 75 وڪيٽون ورتيون.

سليم دراني ڇڪا هڻڻ ۾ تمام وڏي مهارت رکندو هو، ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي دراني کيس خراج تحسين پيش ڪندي ڪرڪيٽ ليجنڊ قرار ڏنو.

اي ايس پي اين ڪرڪ انفو ويب سائيٽ ٻڌايو ته سليم دراني جي هن سال جنوري ۾ ننهن جي سرجري ڪئي وئي هئي، ڇاڪاڻ ته ڪري پوڻ سبب سندس ڄنگهه جي هڏي به ڀڄي پئي هئي.

Read Previous

سريلنڪا پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ نيوزيلينڊ کي سپر اوور ۾ شڪست ڏئي ڇڏي

Read Next

آسٽريليا عورت ڪرڪيٽرن جي گهٽ ۾ گهٽ اجرت هڪ لک ڊالر ختم ڪرڻ جو فيصلو

Most Popular