عدالتي فيصلن سان ملڪ ۾ سياسي بدامني پکيڙڻ وارن کي رليف ملي ٿو، وزيراعظم

شهباز شريف

وزيراعظم شهباز شريف ٻٽي احتساب جي معيار تي سوال اٿاريندي چيو آهي ته عدالتي فيصلن سان ملڪ ۾ سياسي بدامني پکيڙڻ وارن کي رليف ملي ٿو.

وزيراعظم جي صدارت هيٺ پارليامينٽ هائوس اسلام آباد ۾ مسلم ليگ (ن) جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ملڪ ۾ جاري سياسي ۽ قانوني بحران تي غور ويچار ڪيو ويو.

مسلم ليگ (ن) جي صدر شهباز شريف تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آهي ته هن پاڪستان کي معاشي ڌٻڻ ۾ ڦاسائي ڇڏيو آهي، هن سي پيڪ منصوبن تي بي بنياد الزام هنيا آهن، دوست ملڪن جي حڪمرانن خلاف اڻوڻندڙ ٻولي استعمال ڪئي آهي.

وزيراعظم سوال ڪيو ته ماڻهو ذاتي مفادن لاءِ قومي پاليسين کي ڪيئن ٺاهي سگهن ٿا؟

شهباز شريف جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ ڪڻڪ جو ڪافي ذخيرو موجود آهي، حڪومت مفت اٽي جي ورڇ جو انتظام بهتر بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.

شهباز شريف چيو ته عمران خان طرفان اڪثر چيو ويندو آهي ته سندس زال کي ڪنهن به ڪيس ۾ ملوث نه ڪيو وڃي ڇاڪاڻ ته هوءَ سرڪاري عهدي تي ناهي. جڏهن ته هن سوال ڪيو ته ڇا مريم نواز سرڪاري عهدي تي رهي آهي؟ اهو ئي سبب آهي جو چوندا آهن ته انصاف جو پيمانو غير متوازن آهي.

موجوده معاشي بحران ۽ آءِ ايم ايف پروگرام بابت ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته عمران خان پروگرام کي سبوتاز ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي، سندس وزيرن کي به قومي مفادن خلاف سازش ڪندي سڳ سوڌو پڪڙيو ويو.

هن چيو ته اسان پنهنجي سياست قومي مفادن لاءِ قربان ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ نواز شريف جي قيادت ۾ مسلم ليگ (ن) ملڪ کي سمورن بحرانن مان ڪڍندي.

وزيراعظم اسرائيل سان پاڪستان جي واپاري لاڳاپن بابت خبرن جي به مذمت ڪئي ۽ چيو ته پاڪستان فلسطينين جي حقن لاءِ آواز اٿاريندو رهندو.

وزيراعظم شهباز شريف ٻٽي احتساب جي معيار تي سوال اٿاريندي چيو ته عدالتي فيصلا ملڪ ۾ سياسي بدامني پيدا ڪندڙن کي رليف ڏيندا آهن.

Read Previous

سپريم ڪورٽ اليڪشن ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪري ورتو، سڀاڻي ٻڌايو ويندو

Read Next

پاڪستاني ٽي 20 رانديگر بهترين آهن: شاهه رخ خان

Most Popular